ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري ۾ بچن خاندان پنهنجي اداڪاري سان گڏ پنهنجي منفرد طرز زندگي جي ڪري به مشهور آهي، اميتاڀ بچن ۽ سندس پٽ اڀيشڪ بچن کي اڪثر ٻه گهڙيون پاتل ڏٺو ويو آهي، جنهن ڪري مداحن ۾ تجسس پيدا ٿيندو آهي ته ان جو سبب ڇا آهي؟ ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اڀيشيڪ بچن هڪ انٽرويو ۾ ان روايت جي وضاحت ڪندي چيو ته اها روايت سندس ماءُ جيا بچن کان شروع ٿي هئي. هن چيو ته جڏهن مان يورپ پڙهڻ لاءِ ويندو هوس ته منهنجي ماءُ 2 واچون پائيندي هئي، ڇو ته يورپ ۽ انڊيا جو ٽائم زون مختلف هو، ان ڪري هوءَ مون سان صحيح وقت تي ڳالهائي سگهندي هئي. اميتاڀ بچن به هڪ پراڻي انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته اهو ڪڏهن ڪڏهن تفريح لاءِ ٽي گهڙيون به پائيندو آهي.