ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بگ بي اميتاڀ بچن جي ناٺي بزنس مين نکل نندا خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب پاپڙ حمزه پور ڳوٺ جي رهواسي گيانيندر داتا گنج پوليس اسٽيشن ۾ اميتاڀ بچن جي ڌيءَ شويتا جي مڙس نکل نندا خلاف شڪايت داخل ڪرائي آهي، پنهنجي درخواست ۾ هن چيو آهي ته سندس ڀاءُ جتيندر داتا گنج ۾ جئي ڪسان ٽريڊرز نالي ٽريڪٽر ايجنسي هلائيندو هو، جنهن سان دوکو ڪيو ويو ۽ ان کي خودڪشي تي به اڪسايو ويو، بزنس مين نکل نندا کي به داتا گنج پوليس اسٽيشن ۾ داخل فراڊ ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، جڏڏهن ته ٽريڪٽر ڪمپني جي ڪيترن ٻين اهلڪارن خلاف به دوکي ڏيڻ ۽ خودڪشي لاءِ اڪسائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته ان حوالي سان اڃا تائين اميتاڀ بچن يا سندس ناٺي طرفان ڪو بيان سامهون ناهي آيو.