ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اميتاب بچن 2024ع ۾ فوت ٿي ويل مشهور ڀارتي شخصيتن کي ياد ڪندي هڪ جذباتي پوسٽ شيئر ڪري ڇڏي، اميتاب بچن فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ڪارٽونسٽ ستيه آچاريه جي تخليق ڪيل هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه، صنعتڪار رتن ٽاٽا، طبله نواز استاد ذاڪر حسين ۽ هدايتڪار شيام بينيگل کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي، تصوير ۾ انهن مشهور شخصيتن کي پنهنجي پسنديده سرگرمين ۾ مصروف ڏيکاريو ويو آهي، ذاڪر حسين طبلو وڄائي رهيو آهي، شيام بينيگل ڪيمرا جي پٺيان آهي، رتن ٽاٽا جانورن کي کاڌو کارائي رهيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر من موهن سنگهه ملڪ جي تعمير ۾ مشغول آهي، تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيل آهي ته سال 2024ع ۾ هڪ پارسي، مسلمان، سک ۽ هندو جو انتقال ٿيو، ۽ پوري قوم انهن کي رڳو ڀارتي طور تي ياد ڪيو، اميتاب بچن تصوير سان گڏ ڪيپشن ۾ لکيو تصوير پاڻ سڀ ڪجهه چئي رهي آهي، مداحن طرفان اداڪار جي ان پوسٽ کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي، ياد رهي ته ڊاڪٽر من موهن سنگهه 26 ڊسمبر تي دهلي ۾ 92 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو، شيام بينيگل 23 ڊسمبر تي 90 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، رتن ٽاٽا 10 آڪٽوبر تي 86 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته استاد ذاڪر حسين ڊسمبر ۾ 73 سالن جي عمر ۾ سان فرانسسڪو ۾ فوت ٿي ويو.