گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڌندڙ بدامني خلاف گهوٽا برادري جي ماڻهن اي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو، اختيار احمد گھوٽو پرويز احمد گھوٽو شاھد علي گھوٽو ظھير احمد گھوٽو رجب گهوٽو ۽ ٻين اي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي چيو ته 2 ڏينهن اڳ اسپتال مريض کڻي ايندڙ ڳوٺ عبدالله گھوٽو جي رهواسين هٿياربند هٿيارن جي زور تي زخمي ڪري موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا هئا، جيڪا هن وقت تائين پوليس موٽرسائيڪل واپس ناهي ڪرائي سگهي ۽ ايس ايچ او ملڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، بدامني شهر ۾ ايتري ته وڌي وئي آهي جو هر روز شهر مان موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ٿي رهيون آهن، پر پوليس هڪ به موٽرسائيڪل واپس ناهي ڪرائي سگهي احتجاج ڪندڙ گهوٽا برادري جي ماڻهن ايس ايس پي گهوٽڪي کان شهر مان چوري ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.