لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)“امن ڪير ڪرائيندو؟” لاڙڪاڻي ۾ کدڙا فقير به بدامني خلاف روڊن تي نڪري آيا، شهر جي مختلف علائقن ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺل کدڙن فقيرن وڌندڙ بدامني، ڦر مزاحمت تي قتل ٿي ويل هندو واپاري سنجي ڪمار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف بندر روڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، کدڙن فقيرن جي گرو رشنا فقير، نيلم فقير، چاندني، وينا، عصمه، علينا، سميه، وفا، عزيزان، زرينه، زارا ۽ ٻين چيو ته ڄاڻي واڻي ٽارگيٽ ڪري سنڌ مان هندن کي لڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ڪافي عرصي کان امن امان بحال جي صورتحال انتهائي خراب آهي،هنن مطالبو ڪيو ته واپاري سنجي ڪمار جي قاتلن کي گرفتار ڪري هندو برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، گڏوگڏ بدامني جو نوٽيس وٺي امن امان کي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت پوري ڊويزن جي کدڙن فقيرن کي گڏ ڪري ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هڻنداسين.