امن دشمنن جو وار: ڪُرم ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ، ڊي سي سميت 6 اهلڪار زخمي، امداد سان ڀريل ٽرڪون واپس

0
29
امن دشمنن جو وار: ڪُرم ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ، ڊي سي سميت 6 اهلڪار زخمي، امداد سان ڀريل ٽرڪون واپس
امن دشمنن جو وار: ڪُرم ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ، ڊي سي سميت 6 اهلڪار زخمي، امداد سان ڀريل ٽرڪون واپس

پشاور / اسلام آباد (م ڊ) پارا چنار ۾ امن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش، لوئر ڪرم جي علائقي بگن ۾ سرڪاري گاڏي تي فائرنگ، ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود زخمي ٿي پيو، ضلعي انتظاميا موجب هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊي سي جاويد الله محسود اسپتال منتقل ڪيو ويو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 ايف سي اهلڪار به زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جاري رهي، صورتحال خراب ٿيڻ سبب دوائن ۽ کاڌي پيتي  جون شيون کڻي ويندڙ 75 گاڏين جو قافلو پارا چنار وڃڻو هو، سيڪيورٽي خدشن سبب قافلي کي روڪيو ويو آهي، هوڏانهن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪرم ۾ ضلعي انتظاميا جي گاڏي تي فائرگ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شرپسند عنصر عوام جا دشمن آهن، جيڪي رڳو وڳوڙ پکيڙڻ چاهين ٿا، عوام متحد آهي، شرپسندن جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو، امن ڪوششن کي نقصان پهچائڻ وارن شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته امن معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، امن ۾ خلل وجهندڙ ۽ انسانيت جي دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.