امن جي نگري امن ٿي چاهي

0
45
امن جي نگري امن ٿي چاهي

 سنڌ هن وقت گهڻ طرفن مسئلن ۾ گهيريل آهي، ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪارونجهر تائين انيڪ چيلينجن ۾ ورتل هن سنڌڙي کي 1970ع کان ڪا اهڙي بد نظر لڳي آهي، جو هي ڌرتي ڏينهون ڏينهون مسئلن ۾ مبتلا ٿيندي ٿي وڃي ۽ انهيءَ جي علاج لاءِ ايندڙ ويڄ به ان قسم جو علاج ڪن ٿا، جو عارضي ته سور هڪ اڌ ڏينهن ختم به ٿيندو هوندو پر وري جڏهن اهو سور سنڌڙيءَ جي سَنڌن ۾ ٿئي ٿو ته اڳي کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ٿئي ٿو. انهيءَ افسوسناڪ صورتحال مان ڇوٽڪارو آخر ڪڏهن ملندو؟ جيتوڻيڪ ملڪ جي صورتحال معاشي لحاظ کان خراب آهي، پر انهيءَ کي جواز بڻائي بدامني جي باهه ٻاريندڙ ماڻهن خلاف اسان کي پنهنجو ڪردار ڪرڻو پوندو. هن وقت جڏهن آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن جي نتيجن ۾ پوري قوم ڀوڳي ٿي، تيل جون قيمتون عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ٿين پيون ۽ اسان وٽ وڌن پيون، دنيا غربت جي خاتمي لاءِ پنهنجي منصوبابندي پئي ڪري ته اسين رڳو پيٽ پالڻ جا جتن پيا ڪريون، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي پنهنجي حصي جو ڪم ديانتداري سان ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪري روزاني جتي هزارين ماڻهن کان موبائيل فون، روڪ رقم ۽ قيمتي سامان ڦر ٿئي ٿو، اتي ڪيترائي ماڻهو انهن هٿياربندن جي هٿان يا ته زخمي ٿين ٿا يا وري زندگي تان ئي هٿ ڌوئي ٿا ويهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڻ کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو. ڪشمور، ڪنڌڪوٽ سميت اتر سنڌ جي چئن پنجن ضلعن ۾ اهم شاهراهن تي ماڻهو محفوظ ناهن، اغوا ٿي وڃن ٿا، معصوم ٻارن کي اغوا ڪري تشدد بعد انهن جون وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ وحشين خلاف به اسان کي ئي اٿڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو رياست جو ساٿ اسين ۽ اوهين نه ڏينداسين، تيستائين هي رياست به ڪو اثرائتو ڪردار ادا نٿي ڪري سگهي. اسان وٽ جيڪڏهن خبر پوي ٿي ته پاڙي جو رهواسي يا ڳوٺ جو رهواسي فلاڻو ماڻهو ڦورو آهي، اغوا ڪار آهي يا ڏوهن ۾ ملوث آهي ته پاڻ انهن جي اصلاح بدران انهن تي اهو چئي پردو رکڻ جا عادي ٿي ويا آهيون ته ويچارو غريب آهي، بيروزگار آهي، ڪٿان ته پيٽ پاليندو؟ يا وري صفا بيزاري ٿيندي ته چونداسين ته پاڻ ئي هڪ ڏينهن پادر کائي سڌري ويندو. مطلب ته پنهنجي سماجي ذميواري ادا ڪرڻ بدران جان ڇڏائڻ وارو رويو اختيار ڪريون ٿا، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي.

بدامني هڪ اهڙي باهه آهي، جيڪا ڪنهن به وقت ڪنهن کي به لپيٽ ۾ آڻي ٿي سگهي، انهيءَ خلاف عملي طور ڪم عام ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. جڏهن عام ماڻهو ان قسم جي ڏوهارين خلاف عملي ميدان ۾ ايندو ته اهو ڏوهاري ڪٿي لڪي نه سگهندو. اهو عام ماڻهو ڪراچي جي ڪنهن گهڻ ماڙ عمارت ۾ رهندڙ هجي يا ڪچي جي ڪنهن ڪپ تي رهندڙ ڇو نه هجي، جيستائين اهو ماڻهو ڏوهارين خلاف متحد ٿي انهن جي خاتمي لاءِ ميدان ۾ نه ايندو، تيستائين پوليس کان وٺي رينجرس تائين سمورا ادارا اهي نتيجا حاصل نه ڪري سگهندا، جنهن سان مڪمل طور امن ٿئي.

سنڌ ۾ ڪجهه عرصو اڳ ڏوهارين خلاف پوليس “هاف فرائي” ۽ “فل فرائي” واري فارمولي تي ڪم پئي ڪيو ته انهيءَ دوران ڪجهه ٺاپر آئي پر جڏهن اهو سلسلو شروع ٿيو ته وري اڳي کان به تيز ۽ وڌيڪ وارداتون ٿيون. هتي مستقل حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا علائقا به آهن، جتي جا وڏيرا ۽ سردار ماڻهن کي قبائلي جهيڙن  ۾ ڦاسائي تعليم جي شعور، صحت جي ضرورتن ۽ ٻين بنيادي ضروري سهولتن لاءِ سوچڻ کان ئي قاصر ڪريو ٿا ڇڏين. اهڙي عمل خلاف پڻ پاڻ کي ڪردار ڪرڻو پوندو ۽ اهو ڪردار صرف ۽ صرف تعليم جي شعور سان ئي اجاگر ڪري ٿو سگهجي. اسان سڀني کي خبر آهي ته اسان جي ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ناهي، روزگار جا موقعا ناهن، پر اسان وٽ وري به پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪجهه ڪرڻ لاءِ وسيلا آهن، مڃيون ٿا ته رياست جي جيڪا بنيادي ذميواري آهي، اها به پوري نٿي ڪئي وڃي، پر اسان کي پاڻ پنهنجي قسمت بدلائڻي پوندي، جنهن جو بنيادي رستو ئي تعليم آهي. سنڌ ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو سرڪاري نوڪرين وارا ناهن، سمورا زميندار يا خوشحال ناهن، پر سمورا ماڻهو رکي سکي وقت تي ماني ضرور کائين ٿا، ڪيترائي ماڻهو سگريٽ، سوپاريون ۽ ٻيون نشي آور شيون اڄ به استعمال ڪن ٿا. جيتوڻيڪ غربت تمام گهڻي آهي پر شايد ئي ڪو هڪڙو به اهڙو گهر هجي، جتي سگريٽ، سوپاري يا ڪنهن نه ڪنهن فضول خرچ جو عادي ڪو فرد نه رهندو هجي. انهيءَ پنهنجي فضول خرچ کي ختم ڪري رڳو اهي ئي پئسا پنهنجي ٻارن جي تعليم تي لڳايون تڏهن به اسان جي قسمت بدلجي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو تعليم ئي واحد رستو آهي، جيڪو روشنين جي راهه تائين پهچائيندو. ٻيو ته پنهنجي ٻارن کي تعليم سان گڏ هنر به سيکاريو. هنر ۽ تعليم ڪير هٿيارن جي زور تي به ڦري نه سگهندو. ٽيڪنيڪل تعليم جي دنيا ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. اسان جو پڙهيل لکيل نوجوان به اڪثر ڪري سرڪاري نوڪرين جي پٺيان وقت وڃائي ٿو ڇڏي پر انهيءَ تعليم جي بنياد تي ڪو هنر سکي پنهنجو ڪاروبار نٿو ڪرڻ چاهي. انهيءَ ڪري ئي اسان وٽ نوجوانن جو وڏو انگ بيروزگار آهي. تعليم ۽ هنري تعليم اهي ٻئي پنهنجي ٻارن کي ڏياريو، ايندڙ 10 سالن ۾ سنڌ جي صورتحال تبديل نظر ايندي. جنهن وٽ تعليم هوندي اهو ڪنهن به ڀوتار جي چوڻ تي پلاند ۾ قتل نه ڪندو. جنهن وٽ به شعور هوندو، اهو پنهنجي پگهر جي پئسن مان هٿيار خريد ڪرڻ بدران پنهنجي ٻارن جو ڪو ثمر گڏ ڪندو. سنڌ ۾ هن وقت جڏهن ڪچي واري علائقي ۾ رينجرس آپريشن جون ڳالهيون ٿيون هلن، تڏهن سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ آٿت نظر اچي ٿي. پوليس جي لاءِ ھڪ عام تاثر اھو آھي ته اھلڪار ڏوھارين سان مليل ھجن ٿا۔  جيتوڻيڪ سمورا پوليس آفيسر يا اھلڪار ايئن نه ھوندا، ڪيترائي سٺي ساک رکندڙ ماڻهو پوليس ۾ به موجود آھن، ان باوجود ممڪن آهي ته پوليس سان ڏوهارين جي خاتمي لاءِ ماڻهو سهڪار نه به ڪندا هجن پر هاڻي جڏهن رينجرس آپريشن ٿي ڪري ته انهيءَ آپريشن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ڪي خاص انفارميشن سينٽر قائم ڪري انهن تي ٽول فري نمبر جاري ڪري، جيئن ڪو به ماڻهو ڏوهارين متعلق ادارن جي ڪا مدد ڪرڻ چاهي ته نه رڳو هن ڄاڻ ڏيندڙ جي سڃاڻپ راز ۾ رکي وڃي پر انهن جي آسپاس پڻ اهڙو ماحول جوڙيو وڃي، جنهن سان کين تحفظ جو احساس ٿي سگهي، ڇاڪاڻ جو اسان سمورن سنڌ واسين کي پنهنجي ڌرتي سان محبت آهي ۽ هتي ئي رهڻو آهي، انهيءَ ڪري پنهنجي ڌرتي کي پرامن بنائڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ تعليم جي ذريعي پنهنجي روشن مستبقل واري راهه تي هلڻو پوندو. دنيا ۾ تعليم ئي واحد تبديلي جو رستو آهي.