امن جي سوڀ ئي ماءُ جي مرڪ جيان خوبصورت ۽ لڀائيندڙ هوندي آھي … پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگبندي: سوشل ميڊيا تي خوشي وارو ماحول، جيڪو حڪم وڏيري ٽرمپ جو: دلچسپ تبصرا به جاري

0
36

 پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگبندي بعد سوشل ميڊيا تي خوشي وارو ماحول ڇائنجي ويو، امن جي آجيان ڪندي پاڪستاني فتح جون مبارڪون به ڏنيون ويون، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بابت دلچسپ به ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته امن جي سوڀ ئي ماءُ جي مرڪ جيان خوبصورت ۽ لڀائيندڙ هوندي آھي.صحبت ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ موجب پاڪستان ۽ ڀارت جنگبندي تي راضي ٿي ويا، دودو چانڊيو به ٽرمپ جي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان ۽ انڊيا فائربندي تي راضي ٿي ويا آهن، ذوالفقار قادري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خون خونن ۾ ويا، ڀاڪر پائي ٻئي ڌريون منهنجو تڏو ڏينديون، چيف سردار ٽرمپ جي سرپئنچي ۾ پاڪستان انڊيا جهيڙي جي فتويٰ، چيف سردار ٽرمپ جو بيان، ٻنهي ڌرين سان سڄي رات مٿو هڻڻ کان پوءِ مان سرهائي سان ٿو ٻڌايان ته ٻئي ڌريون جنگ بندي تي راضي ٿي ويون آھن. محرم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چيف سردار مير ڊونلڊ خان ٽرمپ جي سرپئچي ۾ جرڳو. ٻنهي ڌرين ۾ گهرڙو خير. ٻئي ڌريون فوري طور تي مورچا خالي ڪندا. اڳرائي ڪندڙ ڌر تي سخت ڏنڊ ۽ چَٽي رکي ويندي. رب منهنجا خير، هندو، مسلمان ڏي خير، اوڙي پاڙي ڏي خير. کپي به خير. وآخر. نصير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪجهه جنگي مبصرن کي جنگبندي سان ڪافي مايوسي ٿي آهي، ٽن ڏينهن کان اهي اسڪرين تي پوري جنگ وڙهي رهيا هئا، جنگي نشريات بند ٿيڻ سان واپس هڪ ڪلاڪ جي پروگرام تي گذارو ڪرڻو پوندو،  جنهن تي محسن حيدر لکيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي جنگبندي تي متفق ٿيڻ هڪ سٺي اڳڀرائي آهي، اميد آهي اهو فيصلو خطي ۾ جٽادار امن ۽ ڀائيچاري جو ذريعو بڻجندو، محمد علي انصاري لکيو ته جنگ سان ڪنهن کي ڪجهه ناهي ملندو، جنگ جو فيصلو ڪندا حڪمران آهن پر جنگ ڀوڳيندو عوام آهي، بختاور ملاح لکيو ته پاڻ هن جنگبندي مان خوش آهيون، في الحال ته ٻنهي ملڪن جو عوام وڏي تباهي کان بچي ويو، راجا شعيب ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چيف سردار مير ڊونلڊ خان ٽرمپ جي سرپئچي ۾ جرڳو. ٻنهي ڌرين ۾ گهرڙو خير. ٻئي ڌريون فوري طور تي مورچا خالي ڪندا. اڳرائي ڪندڙ ڌر تي سخت ڏنڊ ۽ چَٽي رکي ويندي. رب منهنجا خير، هندو، مسلمان ڏي خير، اوڙي پاڙي ڏي خير. کپي به خير. وآخر… تاج محمود رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀارتي ميڊيا ڪوڙ جا ايترا رڪارڊ قائم ڪيا آهن جو هاڻي سچي خبر ڏيندا به ته خلق مٿن يقين نه ڪندي. روميصه  ملڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بريڪنگ نيوز، پاڪستان ۽ انڊيا سيز فائر تي اتفاق ڪري ورتو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران اهڙو اعلان ڪيو ويو آهي.

مير مرتضيٰ ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صرف انڊيا جو نه، رافيل ڪيرائي فرانس جو، ڊرون ڪيرائي اسرائيل جو، ايس 400 دفاعي نظام تباهه ڪري روس جو غرور ڌوڙ ڪيو ويو، ٽرمپ شڪي گهڻو ٿيو، جيڪو پهريون چئي پيو اسان جو واسطو ناهي پاڻ ڄاڻو، پاڪستان جي هڪ جهٽڪي ڪم لاهي ڇڏيس.

بشير احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگ کان انڪار واري بيانيي جي فتح تي سمورن امن پسندن کي مبارڪون، ماجد تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خير سان جنگبندي ٿي وئي آهي، جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي ڇو ته جنگ رُڳو تباهي آڻي ٿي. هاڻ جڏهن حالتُون بهتر ٿيڻ وڃي رهيُون آهن ته ٿيڻ ڏيو. ھاڻي  اچو ته اصل مسئلن تي ڌيان ڏيُون. سنڌُو درياهه تي غير فطري ڪئنالن ٺاهڻ وارو  منصُوبو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ  پاليسيُون، جيڪي وسيلن جي ناجائز ورهاست جو سَبب بڻجي رھيُون آھن. غازي جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڄ ڀارتي ميڊيا جو “ڀيگي بِلي” وارو حشر آهي، انهن کي سمجهه ۾ نه پيو اچيو ته هاڻي انڊينز کي ٻڌائن ڇا ؟

جاويد اقبال لاڙڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪاش جو ملڪ جا حڪمران، جيڪي جنگي حالت ۾، پنهنجي عوام کي پاڻ سان گڏ بيهارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا هئا، سي جنگ جا ڀيانڪ بادل دور ٿيڻ کانپوءِ، ڪن اهڙين تڪراري رٿائن کي ٻيهر زوري زبردستي عوام مٿان نه مڙهين. جيڪي ملڪ جي هڪ صوبي جي عوام لاءِ زندگي موت جو مسئلو هجن.

غازي بجير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگبندي تي اتفاق ٿيڻ بھتر ڳالھه آھي،جنگون نسل تباھه ڪنديون آھن پر جڏھن ڳالھه وطن جي اچي ته پوءِ ڪنھن به خطري جي پرواھه ناھي ڪرڻي پوندي، پاڪستان اسان سڀني لاءِ پنھنجي جان کان به وڌيڪ پيارو آھي، ھي ملڪ ھميشه امن جو حامي رھيو آھي پر انھي کي ڪمزوري سمجھڻ انڊيا جي بيوقوفاڻي سوچ کي اڄ دنيا ڏسي چڪي آھي، آمريڪا ڳالھين لاءِ پاڻمرادو ڪوشش ڪئي،پاڪستان جي صبر جو ناجائز فائدو وٺندي ٽرمپ چيو ھو ته جنگ انڊيا پاڪستان جو مسئلو آھي،اڄ پنھنجي ڀاڙيي دوست انڊيا کي تباھه ٿيندي ڏسي آمريڪا به ڏٺو ڪم جي ڳالھه ڪونھي انڊيا نيٺ پنھنجي شڪست قبول ڪندي وڌيڪ تباھي کان بچڻ خاطر آمريڪا کي رڙ ڏني ته ھاڻي بچايو، جنگ بندي تي اتفاق ٿيڻ پاڪستان جي فتح ٿي آھي. شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ موجب ڀارت ۽ پاڪستان جنگ بندي تي راضي ٿي ويا آھن،  وحيد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آپريشن بنيان مرصوص پاڪستان جي طاقت، اتحاد ۽ خودمختياري جي علامت بڻجي چڪو آهي، ان آپريشن قومي سلامتي جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، دنيا کي پاڪستان جي موقف جو واضح پيغام ڏنو.