لنڊن(م ڊ) ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ ليو اسرائيل ۽ ايران سان ڳالهين ۽ امن جي ڪوششن جي اپيل ڪري ڇڏي. خابرو ايجنسي موجب ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ ليو ايران ۽ اسرائيل کان تحمل ۽ ڳالهين جو مطالبو ڪندي ٻنهي ملڪن جي عملدارن کي صبر جو چيو، پوپ ليو چيو ته دنيا کي ايٽمي خطري کان محفوظ بڻائڻو پوندو، ڪنهن کي به ٻئي جي وجود کي خطري ۾ وجهڻ جو حق ناهي. اهڙي نازڪ مرحلي ۾ ذميداري ۽ عقل کان ڪم وٺڻ لاءِ وري اپيل کي ورجايان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سمورن ملڪن جي ذميداري آهي ته امن لاءِ ڪردار ادا ڪن، مفاهمت جي راهه ڳولي وڃي، اهڙو حل پيش ڪيو وڃي جيڪو هر فرد لاءِ سلامتي ۽ وقار جي ضمانت هجي.