ڪراچي (م ڊ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ امن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، ڪشمير، فلسطين ۽ شام جي عوام کي امن جي ڳولا آهي، امن جي عالمي ڏهاڙي جو هن سال عنوان ”نسل پرستي ختم ڪريو، امن قائم ڪريو“ رکيو ويو، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت هٿان ڪشميرين جي نسل ڪشي جاري آهي، ڪشمير، فلسطين ۽ شام جي عوام کي اڃا تائين امن نه ملي سگهيو آهي، مٿن لاڳيتو جبر جاري آهي.