اڏيرولال وليج(ن پ ا) اڏيري لال ۾ ايس ايچ او اڏيرولال اسٽيشن نثار برهماڻي خلاف مختلف برادرين پريس ڪلب اوڏيرولال اسٽيشن اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي. ماستر رياض ساهووال، احمد علي ساهووال، طارق ڇٽو، بلاول ڇٽو، انور ساهووال، معظم ساهووال، عبدالرزاق کوسو ۽ ٻين چيو ته جڏهن کان نثار برهماڻي ايس ايچ او اوڏيرولال اسٽيشن مقرر ٿيو آهي. علائقي جو امن امان تباھه ٿي ويو آهي، ان اچڻ شرط ٻه ماڻهو ناحق قتل ڪيا ويا، پر انهن جي اصل قاتلن جي گرفتاري بجاءِ شهرين تي ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ڪري پريشان ڪري آهيو، جڏهن تازو ذوالفقار ساهووال تي منشيات جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪافي وقت بيماري جي بستري تي پيل آهي، جنهن جو علاج مختلف اسپتالن ۾ ڪرائي رهيا آهيون. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته اوڏيرولال اسٽيشن ۾ ٿيندڙ ٻن خونن جي قتل جا جوابدار گرفتار ڪري غريب مسڪين ماڻهن تي ناحق داخل ڪيل ڪيس ختم ڪري ايس ايچ او اوڏيرولال اسٽيشن نثار برهماڻي خلاف ڪارروائي ڪري شهر جو امن امان بحال ڪرايو وڃي.