امن امان جي صورتحال بحال ڪرڻي هئي پر سمورو اسلام آباد بند ڪيو ويو، عدالت چيو هو ته شهرين، واپارين ۽ مظاهرين جي بنيادي حقن جو خيال رکو، عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪئي وئي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران حڪومت ۽ انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 24 نومبر تي پي ٽي آءِ جي احتجاج خلاف اسلام آباد جي واپارين جي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته پي ٽي آءِ غلط ڪيو ته حڪومت به غلط ڪيو، ڪاروبار ڇو بند ڪيو ويو ؟ اسٽيٽ قونصل ملڪ عبدالرحمان چيو ته ڪجهه رپورٽس اچي ويون آهن ۽ ڪجهه رپورٽس اچڻيون آهن، چيف جسٽس عامر فاروق اسٽيٽ قونصل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اوهان پهريون ڀيرو عدالت ۾ پيش ٿيا آهيو، اوهان اسلام آباد کي ائين بند ڪيو هو جو ججز سميت مان پاڻ به عدالت نه اچي سگهيس، عدالت گهرو وزارت کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.