ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته، اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي مظاهرين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ته پاڪ فوج گهرائي سگهجي ٿي پر ورهين کان رياست، پوليس جي لاءِ نوگو ايرياز بڻيل سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪچي وارن علائقن ۾ سماج دشمن ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آرمي کي طلب نه پيو ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ مختلف وقتن تي شهرين پاران عدالتن ۾ درخواستون داخل ڪري توڙي روڊن، رستن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج، رينجرس ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ پوليس جي اختيارين پاران خاطري ڪرائي وئي ته، آپريشن لاءِ ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي خريداريءَ لاءِ هڪ وڏي بجيٽ رکي وئي آهي، پوليس کي جديد هٿيارن سان ليس ڪيو پيو وڃي. ڏوهارين جي خاتمي لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، پر پٽيشن ختم ٿيڻ کانپوءِ وري پوليس خاموشي اختيار ڪري ورتي. گهڻو پري نه پر ويجهڙ ۾ نگران حڪومت توڙي موجوده پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پاران به پوليس ۽ رينجرس جو ڌاڙيلن خلاف گڏيل رينجرس آپريشن ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداريءَ سکر پهچي امن امان جي بحالي، قبيلائي تڪرارن جي خاتمي متعلق اعليٰ سطحي گڏجاڻي ڪئي، بدامنيءَ جي ور چڙهيل ضلعن جي عوام سڄاڻ ڌُرين کي صدر آصف علي زرداريءَ جي گڏجاڻي بعد اُميد پيدا ٿي ته هاڻي ڌاڙيلن خلاف بي رحماڻو آپريشن شروع ڪيو ويندو، پر هن وقت تائين اُن گڏجاڻيءَ جو به ڪو بهتر نتيجو ناهي نڪري سگهيو.
ڌاڙيلن جي سرگرمين ۾ گهٽتائي اچڻ، امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي پئي وڃي. سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪاروباري طبقي، هندو برادري توڙي زميندارن کي ڌاڙيلن پاران ڀتي لاءِ پرچيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن لاءِ اُنهن کي مختلف طريقن سان حراسان يعني ڊيڄاريو ويندو آهي، جنهن ماڻهوءَ کي ڀتي لاءِ پرچيون ڏنيون وينديون آهن، اُن جي باقاعدگيءَ سان ريڪي به ڪئي ويندي آهي ته جيئن اُن کي چڱيءَ ريت ڊيڄاري سگهجي. مليل شڪايتن مطابق، ڌاڙيل ڀتي واري پرچي اُماڻڻ بعد باقاعدگيءَ سان اُن شخص جي ريڪي ڪن ٿا. فون، سوشل ميڊيا ٽولز ذريعي اُن جي لوڪيشن توڙي اُن جي ايڪٽوٽي متعلق آگاهه ڪيو ويندو آهي. ڌمڪايو ويندو آهي ته جيڪڏهن رقم نه ڏني ته توکي يا تنهنجي گهرڀاتين کي اغوا، قتل ڪيو ويندو. اِن سميت مختلف طريقن سان متاثرن کي ڊيڄاريو، ڌمڪايو ويندو آهي. وڏي عرصي بعد ڪجهه پرچي واري سسٽم ۾ گهٽتائي آئي هئي پر هاڻ ڌاڙيلن پاران ڀتو گهرڻ وارو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي. جنهن جو مثال پنوعاقل واسي زميندار جو به آهي، جنهن کان ڌاڙيلن پاران ڀتو طلب ڪيو ويو هو، جنهن ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه سان واسطو هجڻ تي کيس آگاهي ڏني، جنهن تي ڊي آءِ جي سکر پاڻ اُن جي اوطاق تي پهچي اُن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي هئي، ايتري حد تائين پتو پيو ته اُن جي سيڪيورٽيءَ لاءِ چوڪي قائم ڪرڻ سان گڏ بڪتر بند گاڏي به بيهاري وئي پر اِن باوجود ڌاڙيلن پاران اُن زميندار کي مختلف طريقن سان ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ وارو سلسلو جاري رهيو. نتيجي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته، زميندار ايڏي وڏي پهچ هجڻ باوجود مجبور ٿي ڌاڙيلن کي ڀنگ واري رقم ادا ڪئي. هاڻ جيڪڏهن ايڏي وڏي پهچ وارو ماڻهو به ڌاڙيلن جا مطالبا تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿئي ته عام واپاري، دڪاندار، زميندار جي ڇا حالت هوندي. جن جي زمينن تي پهچي ڌاڙيل فصل کڻڻ کان روڪيندا آهن، جن جي ڪاروبار واري هنڌ پهچي اُنهن کي ڌمڪايو ويندو آهي. جن جي شڪايتن جو به پوليس وٽ ازالو نه ٿئي. اهڙن مجبور ماڻهن وٽ ڌاڙيلن کي ڀتو ڏيڻ کان سواءِ ڪو رستو ناهي هوندو. ڌاڙيلن تائين جديد قسم جا هٿيار، وڏي انگ ۾ گوليون، کاڌ خوراڪ جو سامان ڪير ڪيئن ٿو پهچائي، اِن متعلق ته پوليس هن وقت تائين پتو لڳائڻ ۾ ناڪام آهي پر ڀتي واريون پرچيون متاثرن تائين ڪيئن ۽ ڪير ٿو پهچائي؟ وري ڌاڙيلن تائين ڀتي واري رقم ڪيئن ۽ ڪير پهچائي ٿو، اِن متعلق به پوليس جاچ ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نه پئي اچي. اسان تائين جيڪي اطلاع پهتا آهن اُنهن مطابق پوليس ۾ لِڪل ڪاريون رڍون به ڌاڙيلن جون سهولتڪار بڻيل آهن ۽ ڪجهه پرائيويٽ ماڻهو به اهو ڪم سرانجام ڏين ٿا. اڄ واري جديد دور ۾ ڪنهن جو پتو لڳائڻ منهنجي خيال ۾ ڏکيو ڪم ناهي پر اِن باوجود ڌاڙيل ۽ انهن جا سهولتڪار پوليس جي گرفت کان آجا آهن اِن مان ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن.
اڳ جيان ڌاڙيل هاڻي ڪچي وارن علائقن مان نڪري پڪي وارن علائقن ۾ سري عام وارداتون ڪن ٿا. ايتري حد تائين جو موٽروي به محفوظ ناهي رهيو. ڌاڙيل سري عام موٽروي تي جديد قسم جا هٿيار کڻي ڦرلٽ ۽ اغوا جون وارداتون ڪن ٿا. پنهنجي دهشت ڦهلائڻ لاءِ انڌا ڌنڌ فائرنگ به بنا خوف جي ڪئي ويندي آهي. تازو ئي گهوٽڪي ڀرسان ايم فائيو موٽروي تي ڌاڙيلن جي ڪاهه ڪري ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين مٿان فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ هڪ مسافر فوت ٿي ويو، جڏهن ته عورت سميت 3 مسافر زخمي ٿي ويا. ڌاڙيل آساني سان ڦرلت ڪرڻ بعد ٻن ٽرالر ڊرائيورن کي اغوا ڪري کڻي ويا. اهي به خبرون سامهون آيون آهن ته ڌاڙيلن قادرپور ڀرسان ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي جي گاڏيءَ مٿان حملو ڪيو آهي. اڳ ئي پوليس ڪچي وارن علائقن ۾ وڃڻ کان لنوائيندي آهي هاڻي ڌاڙيل پوليس کي پڪي وارن علائقن ۾ پهچي به ڊيڄاري رهيا آهن ۽ اُهي آسانيءَ سان ڪاروايون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس ڪٿي به اُنهن جي رستا روڪ نٿي ڪري. سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪچي وارن علائقن ۾ قائم محفوظ پناهه گاهن ۾ ترسيل ڌاڙيل پڪي وارن علائقن ۾ ڦرلٽ توڙي اغوا جون وارداتون ڪرڻ سان گڏ جديد طريقي سان به مغوين کي اغوا ڪرڻ وارو سلسلو به جاري رکيو آهي. عورتاڻي آواز تي هرکائي سنڌ، پنجاب توڙي بلوچستان وارن علائقن مان به ماڻهن کي گهرائي اغوا ڪيو پيو وڃي.
مليل ڄاڻ موجب هلندڙ سال جي 9 مهينن دوران اتر سنڌ جي پنج ضلعن مان مجموعي طور 209 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، اغوا ٿيل مغوين جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران مجموعي طور ڪروڙين رپيا ڀنگ طلب ڪيو، نون مهينن دوران اغوا جا سڀ کان وڌيڪ 78 واقعا ڪشمور ضلعي ۾ رپورٽ ٿيا. ٻئي نمبر تي 51 اغوا وارداتن سان گهوٽڪي ۽ 32 وارداتن سان شڪارپور ضلعي ۾ سامهون آيا. ورتل ڄاڻ موجب هن وقت لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ڇهن ضلعن 48 مغوي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن. سکر واسي 5 معصوم ٻارڙا، ٻه عورتون ۽ ٻه مرد به ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن. جن کي رشتي جي بهاني ڌوڪي سان گهرائي يرغمال بڻايو ويو ۽ هاڻي ڌاڙيلن انهن جي بازيابي لاءِ 70 لک روپيا ڀنگ وارثن کان طلب ڪئي آهي. اِن کان اڳ اڻ سڌيءَ طرح ڌاڙيلن پاران مغوين جي وارثن کي اڍائي ڪروڙ روپيا ڀنگ گڏ ڪرڻ جو چئي پئي ويو. ساڳي پنج پنوعاقل سان تعلق رکندڙ مغوي به ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، ڪشمور، خيرپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ شهدادڪوٽ واسي مغوي ڏوهارين وٽ يرغمال بڻيل آهن. دادو، مٽياري ۽ قاضي احمد مان پڻ مغوي عورتاڻي آواز تي هرکجي ڌاڙيل وٽ يرغمال بڻيل آهن. حاصل ڪيل وڌيڪ ڄاڻ موجب 19 مغوين جي وارثن کان ڳڙهي تيغو، رونتي سميت مختلف ڪچي وارن علائقن مان ڌاڙيلن پاران گڏيل ڪروڙين روپيا مجموعي طور تي ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي.
سنڌ ۾ هاءِ پروفائيل ڪيسن تي به پوليس جي ڪارڪردگي زيرو آهي. پوليس پريا ڪماريءَ کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي. ايتري حد تائين جو ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽڪيءَ مان پوليس پريا ڪماريءَ واري ڪيس ۾ ڪرم سندراڻيءَ کي لاڙڪاڻو پوليس گرفتار ڪيو، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وئي ۽ لاڙڪاڻو پوليس دعوي ڪندي اهڙي گرفتاري ظاهر به ڪئي هئي پر اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ڪرم سندراڻي پوليس جي تحويل مان فرار ٿي ويو آهي. لڳ ڀڳ ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصو لاڙڪاڻو پوليس جي تحويل ۾ رهندڙ اهم پروفائيل ڪيس جو جوابدار ڪيئن فرار ٿيو؟ ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ ڪروڙ روپيا وٺي لاڙڪاڻو پوليس جوابدار کي فرار ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. جنهن متعلق لاڙڪاڻو پوليس پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. جنهن متعلق لاڙڪاڻو پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار کي پڇا ڳاڇا لاءِ سکر پوليس حوالي ڪيو هو. جيڪڏهن اِها حقيقت آهي ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحيل کوسو اِن متعلق واضح طور تي بيان ڇو نه پيو ڏئي؟ ڪنهن به لاڙڪاڻي پوليس جي آفيشل جو بيان سامهون ناهي آيو. شهيد جان محمد مهر جا قاتل هن وقت تائين پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي. اِن سميت ٻين هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ به پوليس جي نااهلي، لاپرواهي ۽ بي ڌياني برقرار آهي نتيجي ۾ متاثر ڌرين کي سخت خدشا ته پنهنجي جاءِ آهن پر انهن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهن.
اِن سموري صورتحال متعلق سنڌ حڪومت توڙي پوليس لاتعلق بڻيل آهن. جڏهن به سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بدامنيءَ، ڌاڙيلن راڄ متعلق سوال ڪجي ٿو ته سائين جن جو هڪڙو ئي موقف سامهون ايندو آهي ته پهريان کان امان امان جي صورتحال بهتر آهي. اڳ سکر کان لاڙڪاڻو ڪانوائي ۾ وڃڻو پوندو هو. سائين جن لاءِ عرض آهي ته هاڻي به ساڳي صورتحال آهي رات جي وقت ماڻهو سفر ڪرڻ کان پاسو پيا ڪن. جيڪڏهن ڪنهن کي ايمرجنسيءَ ۾ سفر ڪرڻو پئجي ٿو ته اُن کي پڪ ناهي هوندي ته هو منزل تائين پهچي به سگهندو يا نه ؟ جيڪي واپاري، شهري گهرن، ڪاروباري هنڌن تي پاڻ کي محفوظ نه پيا سمجهن ته سائين جن روڊ رستا ڪيئن محفوظ چئي سگهن ٿا. وڏي وزير يا آءِ جي سنڌ کي شايد اِن ڪري به فڪر ناهي جو اُنهن مان يا اِنهن جي خاندانن مان ڪو ماڻهو اغوا ناهي ٿيندو. الله نه ڪري پر جيڪڏهن اُنهن جي گهر جو ڪو فرد اغوا ٿئي ته پوءِ سائين جن کان پڇنداسين ته ڇا صورتحال هوندي آهي.؟ جن جا 9 ڀاتي اغوا ٿي ويل هجن انهن جي گهر ۾ ڇا صورتحال هوندي؟ جنهن جي گهر جو چرخو هلائيندڙ شخص ئي اغوا ٿيل هجي ۽ اُن جي بازيابي لاءِ لکين روپيا ڌاڙيلن طلب ڪيا هجن اُن جي خاندان ۾ قيامت وارو منظر هجي ٿو. پر سنڌ سرڪار، چونڊيل نمائندن توڙي پوليس کي شايد اِن جو احساس ناهي هوندي. سکر ۽ لاڙڪاڻو جي بااثر چونڊيل نمائندن کي اِن بدامنيءَ جي صورتحال متعلق چڱي ريت ڄاڻ آهي ۽ سڄاڻ ڌريون توڙي متاثر روڊن رستن تي نڪرڻ سان گڏ اُنهن جي هائوسن جا چڪر به ڪاٽين ٿا پر مجال آهي جو ڪڏهن هو ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنهنجا چپ ئي چورين. شڪارپور، گهوٽڪي، سکر، ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت سکر لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ شهري امن امان جي بحالي لاءِ روڊن تي نڪرڻ تي مجبور آهن. جن طرفان سنڌ حڪومت پوليس جي ذميوارن کان سجاڳ ٿي ڌاڙيلن خلاف هڪ مضبوط ۽ معني خيز آپريشن شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جيئن شهري، واپاري توڙي عوام سخت جو ساهه کڻي سگهن. وفاقي حڪومت کي به سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ، بدامني متعلق نوٽيس وٺڻ گهرجي. جيئن وفاقي حڪومت پنهنجي مخالفن کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ صرف احتجاج کي روڪڻ، ناڪام بڻائڻ لاءِ آرمي کي ميدان ۾ لاٿو. تئين ئي ورهين کان بدامنيءَ جي باهه ۾ ٻرندڙ سنڌ واسين جي مطالبي طرف به توجهه ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت سان گڏجي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري سماج دشمن عناصرن جو خاتمو آندو وڃي ته جيئن سنڌ واسي سک جو ساهه کڻي سگهن.