امر روپلو ڪولهي، ڪارونجهر ۽ ڪالهوڪو احتجاج!

0
128
امر روپلو ڪولهي، ڪارونجهر ۽ ڪالهوڪو احتجاج!

 مون ڇرڪ ڀريو جڏهن هڪ ڪچهري ۾ هڪ چاچي اهو ٻڌايو ته، اُهي به ڏينهن هئا، جڏهن ننگر  شهر جو ڪو به نينگر، جيڪڏهن هٿ ۾ ريڊيو کڻي وڄائيندو هو ته پوءِ پوليس ۽ رينجرز وارا ريڊيو رکڻ ۽ وڄائڻ جو لائسنس گهرندا هئا، ٻيو ته ٺهيو پر تپيدار ريڊيو جو لائسنس گهرندا هئا! جي انهن وٽ نه هوندو هو ته پوءِ وري ڏنڊ ۾ ٻانگا ڪُڪڙ ۽ ڪچا ڇيلڙا گهرندا هئا! مسڪين ماڻهو پني سِني به اُنهن کي آڻي ڏيندا هئا!    جي نه ڏيندا هئا ته شهر  ۾ سيڌو وٺڻ لاءِ هلن به وڏو مسئلو هو!  پارڪر جو مسڪين ماڻهو وڏيرن جي هٿان ته هونئن صدين کان پيڙهجندو اچي پر پوليس جي سپاهي کان پڻ ڊڄندو هو.  پوليس جو سپاهي ٿر ۾ اٺ تي يا گهوڙي تي چڙهي لنگهندو هو ته مسڪين هاري ڊڄندو هو ۽ لِڪندو هو ته جيئن صوبيدار جي متوقع گهُر يعني ڏن کان بچي سگهي! ٻنين ۾ فصلن جي لهڻ وقت کَرن ( فصل رکڻ جي جڳهه)  تي اچي ويهي رهندا هئا ته جيئن پنهنجو هروڀرو جو حصو وٺي سگهن! جاگيردار ۽ وڏيرا ته صفا ملڪ جا مالڪ ٿيا گهمندا هئا. پوءِ هن علائقي جو هڪڙو مشهور ڪيس ٿيو جنهن ۾ هڪ مقامي ماڻهو کي ڦاسايو ويو ڪيس هلائي سزا ٻڌائي وئي پوءِ اهو ڪيس وري رسول بخش پليجي صاحب وڙهيو ۽ انهي ماڻهو کي بچايو جيڪو راوتو نالي اڄ به زنده آهي. انهي کانپوءِ انهي علائقي ۾ پليجي صاحب ۽ عوامي تحريڪ جي هاڪ ٿي وئي. ڪيترن ئي حسن پسايي جهڙن ڪارڪنن جي محنتن سان هزارين ماڻهو هن تنظيم جي محاذ سنڌ هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيندا ويا. سنڌي هاري تحريڪ کي ننگر جا ڪولهي ۽ ميگهواڙ پنهنجي مخصوص لهجي ۾“هاري پالٽي” چوندا آهن. انهي تنظيم ۽ قائد انهن ماڻهن کي زبان ڏني، هڪ ٽارچ ڏني، نظريو ڏنو. جنهن تي هلندي اڄ انهي علائقي جا ننڍڙا ٻار به اجگر وڏيرن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائين ٿا.

عوامي تحريڪ کان پهرين انهي ديس جي ماڻهن سان مٿي بيان ڪيل اهو ويڌن هو جنهن ديس جو دلير پُٽ روپلو ڪولهي هو. روپلو هڪ دلير ۽ وفادار وطن دوست سپاهي هو. انهي کي انگريزن وطن دوستي ۽ پنهنجي ساٿين سان وفاداري جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو. هڪڙو مشهور  قصو آهي ته روپلي ڪولهي کي گرفتار ڪري آيا، تشدد ڪيائون ۽ پڇاڻو ڪيائون ته تنهنجا ٻيا ساٿي ڪٿي آهن؟ روپلي ڪونه پئي ٻڌايو. پوءِ روپلي جي مائي کي وٺي آيا، انهي جي سامهون سخت عقوبتون ڏنيون ويون پر روپلي راز نه سليو. نيٺ روپلي جي هٿن تي تيل جا ڏيئا ٻاريا ويا، پر روپلي جي زال هن عظيم عورت به چيو ته متان ٻڌايو اٿئي ڪجهه، جي تو ٻڌايو ته مونکي منهنجون سهيليون مهڻا ڏينديون!  تنهنجو پُٽ مُنهنجي پيٽ ۾ آهي انهي کي جنم ڏيندس، مونکي پرواهه ناهي تون قربان ٿي وڃ! تنهن تي روپلي جذبات ۾ اچي انگريزن سان مخاطب ٿي چيو ته ، اوهين انگريز گڏهه آهيو اسين ڊڀ آهيون، ڊڀ جيترا لُڻيندا تيئن وڌيڪ مورجندا ۽ ڦُٽندا رهندا، ڇو ته ڊڀن جون پاڙون پاتار ۾ آهن! ايترو چئي روپلي زبان ٻاهر ڪڍي مُڪ هنئي ۽ زبان ڪٽجي پريان وڃي ڪِري ۽ پوءِ گورن سنڌ جي هن دلير پُٽ کي ڦاسي ڏني! انهي روپلي جو نالو دنيا جي امر ڪردارن ۾ ڳايو وڃي ٿو، پر انهن ڏينهن۾ انگريزن جي ڇَهاني ڀريندڙ وڏيرن جو اڄ ڪٿي نالو نشان ئي ڪونهي! امر روپلي ڪولهي جو يادگار نشان ننگر شهر ۾ ڪونه هو. انهي دور ۾ ننگر جي تمام وڏي عمر، تجربي، ڏاهپ جي مالڪ ، سُگهڙ چاچي نواز کوسي کان پڇيو ويو تنهن ٻڌايو ته انهن جي سامهون روپلي کي ڏنل ڦاسي وارن ڏينهن جي همعصر هڪڙي ڪولهي چاچي جيڪا جاءِ ڏسي، انهي جي ڏسيل ڦاسي واري جڳهه تي نشان لڳايو ويو. انهي جڳهه تي ئي پوءِ انهي دور جي عوامي تحريڪ جي ساٿين پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري يادگار ٺهرايو. انهي موقعي تي مقامي وڏيرن ۽ سندن  پوليس ۽ ٻين  مددگار ادارن کي وڏي باهه لڳي ته هڪڙي ڪولهي جي ورسي ڇو ٿي ملهائي وڃي؟! شهر ۾ يادگار ڇو پيو ٺهرايو وڃي؟ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو روپلي ڪولهي کي پنهنجي ڌرتي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جڏهن اسان جا دوست گڏ ٿيا تڏهن انهن سان جهيڙو ڪيو ويو. انهي دور ۾ ڊاڪٽر نذير شيخ، اوڀايو جوڻيجو، ممتاز نهڙيو ۽ ٻين تي حملو ٿيوڪجهه دوست سخت زخمي ٿيا. پوءِ جهيڙي باوجود به انهن دوستن ننگر ۾ ئي ورسي ڪئي انهي کانپوءِ رواج پئجي ويو!  ڪارونجهر جي ڪوڏيي روپلي ڪولهي جي حقيقي وارثن جي اهڙي جرئتمنداڻي فيصلي ۽ پهل ماڻهن ۾ نئون روح ڦوڪيو! پارڪر واري پٿريلي زمين جي ڳوٺن ۾ 90 جي ڏهاڪي ۾ ئي لطيف جا بيت، ويٽنامي ڪهاڻيون، مائو جا قول ۽ روسي انقلابي ناول پڄي چڪا هئا! انهي زماني ۾ پهريون دفعو ٿر ۾ وڏيرن جي خلاف مقامي چونڊن ۾ عوامي تحريڪ جا چاليهارو ڪائونسلر کٽي آيا هئا! وڏيرن جون ننڍون حرام ٿي ويون.  انهي ئي مسڪين طبقي سان گڏ سرگرم هڪڙي همراهه جي مٿي تي هٿ وڏيرن رکيو ۽ اهو نوجوان پهرين اربابن ۽ پوءِ وري پ پ جي چيچ جهلي آنڊو سڻڀو ڪيائين! ايڏو ته جذباتي ٿي ويو جو جن ماڻهن هن جي چيچ جهلي هلڻ سيکاريو انهن ئي ماڻهن جي هيرو روپلي جي يادگار تي لڳايل تختي هن  ٽوڙي اڇلائي ڇڏي! درحقيقت اها انهي کي مچائي مواڙ ڪندڙ پ پ حڪومت جي سنڌي ادبي بورڊ واري لوگي کي هٽائڻ واري“ ڏُکي جدوجهد” جو تسلسل ئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي سمورن تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن کي وڪڻڻ، ميسارڻ، ڊاهڻ ۽ تباهه ڪرڻ جو انهن ڄڻ ته ٺيڪو کنيو آهي! انهن ساڳين ئي ماڻهن هزارين ذميوار ماڻهن ۽ ميڊيا جي سامهون واعدا ڪيائون ته ڪارونجهر ڪونه وڪڻنداسين پر انهن ئي وري اشتهار ڏيئي وڪيائون هاڻي سرعام کڻي پيا وڃن! عوامي تحرڪ ۽ ٻين وطن دوست ڌرين پهرين ڏينهن کان وٺي ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مخالفت ڪئي آهي! ننگرپارڪر شهر ۾ هزارين ماڻهن گڏجي پ پ  جي حڪمرانن پاران امر روپلي ڪولهي جي يادگار تان لاٿل پٽي، وري وڏي عقيدت ۽ احترام سان واپس لڳائي، حڪمرانن جي غيراخلاقي ۽ قوم دشمن ۽ تهذيب دشمن روش کي رد ڪيو آهي ۽ پنهنجي هيروز کي سنڀالڻ جو وچن ڪيو آهي! هن وطن جو وجود هاڻي وڌيڪ ڌارين جون لوڌون برداشت نٿو ڪري سگهي! اها هڪ حقيقت آهي جنهن ننگر جي مسڪين نينگرين به سمجهي آهي تڏهن ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جا نعرا نمايان لڳي رهيا هئا. سنڌ ۾ تيزي سان ڌاريا آندا پيا وڃن.  روپلي جي ڏيهه تي هينئر تمام گهڻا ڏکيا ڏينهن آهن. عالمي سرمائيدار ۽ سندن ساٿاري هتي جي سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ ڪمپنين جي خلاف سنڌ ۾ هڪ وڏي چِڙ آهي. جنهن جو هڪ منظر ننگر ۾ نڪتل ريلي هئي. مسڪين ۽ پورهيت طبقي جي سوين عورتن ۽ هزارين هارين ۽ ٻارڙن پنهنجي ديس جي دادلي ۽ محبوب پهاڙ ڪارونجهر جي ڪٽائي کي هڪ دفعو ٻيهر رد ڪيو آهي! ڏهاڪا پراڻو پوکيل ٻج اڄ به ننگر جي ڳوٺن ۾ مورجي پيو. بقول روپلي ڪولهي جي ته “ڊڀن جون پاڙون پاتار ۾ آهن”، بلڪل اُهي اُڌڙي نٿا سگهن، اهي ڊڀ نت نئين روپ ۾ نڪري، نکري ۽ ماحول دشمن، فطرت دشمن ۽ پئسي جي بُک ۾ انسانيت ۽ دنيا جي تهذيبن کي اجاڙيندڙ مخلوق جي رستا روڪ ڪن پيا! اڄ به مونکي استاد پليجو صاحب ياد آيو جڏهن اهو هارياڻين ۽ هارين جو هجوم ننگر جي گهٽين ۾ نعرا هڻندي ڏٺم، جن جو نه ڪنهن پروجيڪٽ سان واسطو، نه ڪنهن اين جي اوز سان، نه ڪنهن وڏي نوڪري يا ڪُرسي جو آسرو، نه ٺيڪو نه انهن ۾ ڪي سرڪاري اديب آهن جو ڪتاب ڇپرائڻ جو آسرو، پوءِ به ڪنهن شاعر جي هڪ لکيل سٽ ياد ٿي اچي ته،

هي عجيب قافلو پنهنجي راهه تي رَميل!