امريڪي هٿيار سنڌ جي ڌاڙيلن وٽ ڪيئن آيا؟ بلاول

0
121

سکر: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ شهيد جان محمد مهر جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو، پيپلزپارٽي صحافت جي آزادي ۾ يقين رکي ٿي

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان ۾ ڇڏيل امريڪي هٿيار سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ پهچي ويا آهن، اهي هٿيار افغانستان مان پاڪستان ۾ ڪيئن پهتا؟

بلاول چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ ٻين صوبن جا آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، ترقياتي فنڊ منجمد ڪري سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي

بلاول چيو ته اڳوڻي جنرل فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين دهشتگردن کي ڇوٽ ڏني، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وزارت عظميٰ دوران دهشتگردن کي پاڪستان ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو

پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ جي گئس سنڌ کي ئي نه پئي ڏني وڃي، بجليءَ جي 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ باوجود بجليءَ جا ڳرا بل اماڻيا پيا وڃن، شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارينداسين

هي به پڙهندا

بلديه فيڪٽري کي باهه ڏيڻ واري سانحي ۾ سزا ٻڌايل ساٿين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: ايم ڪيو ايم اڳواڻ