امريڪي فوجن جي مددگار هزارين ماڻهن کي ڪابل کان ڪراچي آڻڻ جو فيصلو، سنڌ حڪومت پاران ترديد

0
456
سنڌ حڪومت پاران ترديد
امريڪي فوجن جي مددگار هزارين ماڻهن کي ڪابل کان ڪراچي آڻڻ جو فيصلو، سنڌ حڪومت پاران ترديد

ڪراچي (م.ڊ) امريڪي ۽ اتحادي فوج 31 آگسٽ تائين ڪابل مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان کي مدد جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. طالبان سان ويڙهه دوران ڪابل ۾ امريڪي ۽ اتحادي فوج جي مدد ڪندڙ هزارين ماڻهن کي ڪراچي آندو ويندو، انهن کي پاڪستان جو ويزا ڏنو ويندو ۽ کين امريڪا منتقل ڪرڻ کان اڳ هڪ مهينو ڪراچي ۾ ترسايو ويندو. وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اتحادي فوجن جي معاونت ڪندڙن کي ڪراچي ۾ ترسائڻ جو بندوبست سنڌ حڪومت ڪندي.