امريڪا پاران افغان استحڪام لاءِ پاڙيسري ملڪن خاص طور پاڪستان کان مدد طلب

0
145

واشنگٽن: آمريڪي صدر جو بائيڊن افعانستان مان پنهنجي سموري فوج جي واپسي جي خاڪو بيان ڪندي افغانستان کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڙيسري ملڪن خاص طور تي پاڪستان کان مدد طلب ڪري ورتي آهي. نئين منصوبي تحت 2،500 آمريڪي ۽ 7،000 نيٽو فوجي افغانستان کان مرحليوار واپس ٿيندا. اهو منصوبو پهرين مئي تي شروع ٿيندو ۽ 11 سيپٽمبر 2021 تي ختم ٿيندو جيڪو “سيپٽمبر 2001 ” ۾ افغانستان تي امريڪي حملي جي 20هين سالگره جو ڏينهن هوندو. جو بائيڊن چيو ته ”اسين خطي جي ٻين ملڪن خاص طور تي پاڪستان ، روس ، چين ، هندستان ۽ ترڪي کي چونداسين ته جيترو ٿي سگهي افغانستان جي مدد ڪجي ڇو ته انهن سڀني جي افغانستان جي مستحڪم مستقبل ۾ دلچسپي آهي.“ ان کان اڳ ، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪا جي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو هو ته پاڪستان کي سڀني ڌرين سان اتفاق جي بنياد تي افغانستان جي قيادت ۽ پرامن افغانستان جي لاءِ مدد جاري رکڻ گهرجي.