بدين (رپورٽر) نامياري ليکڪ امرجليل خلاف درخواست ڪندڙ شهريءَ کي عدالت طلب ڪري ورتو. خبر موجب کوسڪيءَ جي رھواسي راجا ڪاشف طرفان سنڌ جي نامياري ليکڪ امرجليل خلاف تهمت هڻندي کوسڪي ٿاڻي تي درخواست جمع ڪرائي هئي. گھريل ڏينهن بعد ايس ايچ او ثابت علي چانڊيو پاران سيڪنڊ سول جج بدين ۾ فريادي ڌر طرفان ڏنل درخواست ۾ الزام ثابت نـ ڪرڻ ۽ غلط بياني ڪرڻ جي رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد عدالت سڳوري درخواست ڏيندڙ راجا ڪاشف خلاف قلم 182 سي آر پي سي جي ڪارروائي لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ بعد سومر ڏينهن راجا ڪاشف پيش ٿيو، جنهن بعد عدالت سڳوري ايندڙ ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.