غزه (م ڊ) اسرائيل غزه سٽي، خان يونس ۽ جباليه تي حملن ۾ تيزي آڻي ڇڏي، بمباري ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت وڌيڪ 53 ڄڻا شهيد ٿي ويا، صيهوني فورسز بکن ۾ پاهه فلسطينين کي امدادي سامان جي لالچ ڏئي گهرائي ٿي بعد ۾  انهن مٿان فائرنگ ڪئي وئي، امداد جي آسري ۾ آيل 53 ماڻهو مارجي ويا.  90 زخمي ٿي پيا، اهو تازو ظلم رات جو دير سان ان وقت پيش آيو جڏهن ڪيترائي ماڻهو هڪ امدادي قافلي جا منتظر هئا ته اوچتو گولين جي بوڇاڙ ڪئي وئي. اسپتال ذريعن موجب فائرنگ سان 27 ماڻهن ٿڏي تي دم ڏنو، باقي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، 90 زخمين مان به اڪثر جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن غزه جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو مجموعي تعداد 54 هزار 510 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته زخمين جو تعداد لکن ۾ آهي، اسپتالن ۾ سهولتون نه جي برابر آهن، دوائون ختم ۽ ايمبولينسز مسلسل حملن جو نشانو بڻجي رهيون آهن. عالمي برادري جي خاموشي ۽ اسرائيل جي کلي درندگي تي فلسطيني عوام مسلسل سراپا احتجاج آهي، پر ظلم جي ان رات کانپوءِ به صبح ٿيڻ جا ڪي به آثار نظر ناهن اچي رهيا.