امدادي سرگرمين کي عالمي ادارا ۽ ميڊيا ڪيئن ڏسن پيا؟

0
41
امدادي سرگرمين کي عالمي ادارا ۽ ميڊيا ڪيئن ڏسن پيا؟

گلوبل وارمنگ جي ڪري جيڪا ماحوليات ۾ تبديلي آئي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ جيڪا ٻوڏ تباهي مچائي آهي، تنهن کي پوري دنيا جي ميڊيا گذريل ٻن ٽن مهينن کان بار بار ڏيکاري رهي آهي. ملڪي ۽ عالمي ميڊيا تي اهي منظر ڏسي هر انسان جي اکين ۾ پاڻهي پاڻي ڀرجي ٿو اچي. ايتري قدر جو گذريل ڏينهن هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ۽ اقوام متحده جي انساني حقن جي حوالي سان خيرسگالي جي سفير اينجلينا جولي جڏهن انهن ٻوڏ ستايل ماين، ٻارن ۽ ماڻهن سان ملي ۽ انهن جي حالت ڏٺي ته هن جون به اکيون بار بار آليون ٿي ٿي ويون، ان کان اڳ اقوام متحده جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس  جي به ساڳي حالت هئي ۽ هن کي به بي ساخته چوڻو پئجي ويو ته مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي تباهي نه ڏٺي آهي. (حقيقت ۾هن ويچاري کي ڪهڙي خبر ته هن جيڪا ايڏي تباهي ڏٺي آهي، تنهن ۾ پاڪستان جي رياستي ادارن، وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ اڳوڻين حڪومتن جو ڪيترو ڪردار آهي!) ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اسان جي وفاقي حڪومت، رياستي ادارن ۽ صوبائي حڪومتن ڪروڙين ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ، 10 لک جانورن جي صورت ۾ انهن وٽ جيڪو عزت ڀريو روزگار هو، اهو کسڻ، انهن جي فصلن کي تباهه ڪرڻ ۽ انهن کي پناهگيرن جيان دربدر ڪرڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو آهي. پر جيئن ئي انهن جي منصوبي مطابق تباهي اچي وئي ته عوام تباهه ٿي وئي،

معصوم پاڪستاني تباهه ٿي ويا، ايتري تباهي ٿي وئي رڙيون ڪري دنيا جهان جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ۽ دنيا اخلاقي طور ۽ انسانيت جي ناتي جيترو ٿي سگهيو تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو، باقي اکيون ٻوٽي اڳ وانگر مدد ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڇو ته هاڻ انهن کي به خبر پئجي وئي آهي ته پاڪستان جا حڪمران ۽ رياستي ادارا پاڪستان ۾ ٿيندڙ تباهي ڏيکاري مدد ۽ امداد جي نالي ۾ مال ۽ پيسا پاڻ کائي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن دفعي پاڪستان ۾ ايڏي وڏي پئماني تي ٻوڏ جي تباهي ٿيڻ ڪري عالمي برادري ايتري مالي مدد نه ڪئي آهي، جيتري 2010ع جي ٻوڏ دوران ڪئي هئي. 2010ع ۾ تقريبن 2 ڪروڙ پاڪستاني متاثر ٿيا هئا ۽ 2000 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا،

جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي اڍائي ارب ڊالرز کان به وڌيڪ روڪ پيسن جي صورت ۾ امداد ملي هئي. جڏهن ته هن دفعي ان کان ٻيڻو نقصان ٿيو آهي. ساڍا ٽي ڪروڙ پاڪستاني متاثر ٿيا آهن. حڪومتي انگن اکرن مطابق 25 کان 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو آهي. 15 لک گهر ڊهي ويا آهن، 3 سئو کان وڌيڪ پلون ڪري ويون آهن، 8 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ روڊ تباهه ٿي ويا آهن، 17 سئو ماڻهو جنهن ۾ 500 معصوم ٻارڙا شامل آهن، اهي فوت ٿي ويا آهن،

10 لک جانور جن جي ماليت اڍائي ارب ڊالرز ٻڌائي وئي آهي، 30 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن. پر اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جي باوجود به پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ روڪ امداد نه ملي سگهي آهي. جنهن جو سڀ کان وڏو سبب پاڪستاني رياست ۽ حڪومت تي عالمي برادري جو اعتبار ناهي. ان بي اعتباري جي حوالي سان حالت اتي اچي پهتي آهي جو چار ڏينهن پهرين وزيراعظم شهباز شريف کي عوام جي آڏو اچي اعتراف ڪندي چوڻو پئجي ويو ته هاڻي اسان سان حالت هي آهي جو ڪنهن دوست ملڪ کي فون ڪريون ٿا يا ان ملڪ جي دوري تي وڃون ٿا ته انهن کي پڪ ٿي ويندي آهي ته هي پيسا وٺڻ يا امداد وٺڻ لاءِ اچي ويا آهن. هاڻ ان مان اندازو ڪريو ته خود موجوده وزيراعظم ڇا چئي رهيو آهي. عمران خان کي وزارت اعظميٰ به ان لاءِ ڏني وئي هئي ته جيئن هو وڌ کان وڌ ڊالرز پاڪستان ۾ آڻيندو، پر اهو پراجيڪٽ به مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو. ٻيو گذريل سال ڪورونا ۾ به پاڪستان کي ساڍا ٽي کان چار ارب ڊالرز جي امداد ملي هئي، تنهن ۾ به جيڪا رڪارڊ ڪرپشن ٿي، تنهن جا به پورا پورا تفصيل ضرور دنيا کي مليا هوندا!

پاڪستان پنهنجي پنجهتر سالن جي تاريخ ۾ 62 سال سرد جنگ دوران ۽ ان کانپوءِ به آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي پيسن ۽ ڊالرز تي افغان جنگ ۽ سويت يونين جي رستا روڪ لاءِ سڀ ڪجهه ڪندو رهيو. پر هاڻي عالمي سطح تي پاڪستان جي صلاحيتن ۽ قابليتن مطابق ڪو اهم، گهربل ۽ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نه بچيو آهي. تنهن ڪري پاڪستان هاڻي فطرتي تباهين ۽ وبائن جي آڙ ۾ دنيا کان وڌ کان وڌ ڊالرز ميڙڻ چاهي ٿو ۽ ان مان اهڙي اميد لڳايو ويٺو آهي.

اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان کي عام طرح 1999ع کان چيو پئي ويو ته اهو گلوبل وارمنگ جي ڪري هلندڙ ۽ ايندڙ سالن ۾ هڪ وڏي ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيندو، جنهن جي نتيجي ۾ تمام وڏيون تباهيون اچي سگهن ٿيون. ان سلسلي ۾ خاص طور تي 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ به تمام سختي سان چيو ويو. پر پاڪستان ان ڏس ۾ ڪجهه نه ڪيو. ڇو ته پاڪستان جي حڪمرانن ۽ ٻين رياستي ادارن کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ جيڪو به نقصان ٿيندو اهو عام ماڻهن ۽ شهرين جو ٿيندو ۽ مٿان جيڪا امداد ملندي اها سڌي اسان کي ملندي، تنهن ڪري اسان کي ڪهڙي نانگ کاڌو آهي جو ان ڏس ۾ ڪو عملي ڪم ڪريون. تنهن ڪري رياست پاڪستان پورا ٻارنهن سال ان تباهي جي اوسيئڙي ۾ ويٺي هئي ۽ ان کي روڪڻ جي لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتائين.

 اپاءُ وٺي به ڇو ها؟ جڏهن هن کي خبر آهي ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان جيڪي ڪم ڪرڻا آهن ۽ جيڪي قدم کڻڻا آهن، ان ڏس ۾ ڊالرز تمام گهٽ ملندا، پر ان جي تباهي جي نتيجي ۾ ان کان سئو دفعا وڌيڪ ڊالرز ملندا، تنهن ڪري وڏي ۽ وسيع فائدي کي نظر ۾رکندي ڪروڙين پاڪستانين کي تباهه ٿيڻ لاءِ ڇڏيو ويو.

رياست پاڪستان کي تمام وڏي ۽ گهڻي اميد هئي ته ايتري تباهي کانپوءِ دنيا اکيون پوري وري اسان کي اربين ڊالرز امداد ڏيندي. پر ايئن نه ٿيو ۽ امداد صفا گهٽ ملي آهي. (جيڪا امداد ملي آهي ان کي به شفاف طريقي سان متاثرين ۾ ورهايو وڃي ته به ٻوڏ متاثرن کي ايترو ملي ويندو جيترو انهن جو نقصان ٿيو آهي، پر هتي 10 سيڪڙو متاثرين کي باقي نوي سيڪڙو مٿان ئي مٿان چٽ ٿي ويندو) هڪڙي پاسي گهٽ امداد ته وري ٻئي پاسي ان جي مانيٽرينگ به سخت ٿي وئي آهي. عالمي ميڊيا ۽ ادارا رڳو اهو نه ڏيکاري رهيا آهن ته پاڪستان ۾ ڪيتري تباهي ٿي آهي، پر ان سان گڏ اهو به ڏيکاري رهيا آهن ته ٻوڏ متاثرن جي حڪومت ۽ رياستي ادارا ڪهڙي مدد ۽ امداد ڪري رهيا آهن.

ڏهه ڏينهن اڳ آمريڪا جي ٻن وڏين اخبارن ”واشنگٽن پوسٽ“ ۽ ”وال اسٽريٽ جنرل“ لکيو آهي ته ميرپورخاص ۾ ڪئمپن تي 16 ڏينهن ٿي ويا، ٻوڏ متاثرين کي سرڪار طرفان نه خوراڪ ملي آهي ته نه ئي وري دوائون وغيره. گذريل ڏينهن هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ۽ اقوام متحده جي انساني حقن جي حوالي سان خيرسگالي جي سفير اينجلينا جولي جڏهن دادو جي ٻن ڳوٺن کير موري ۽ خير محمد مغيري  ۾ پهتي اتي مائين کان پڇيائين ته توهان کي امداد ملي آهي، انهن چيو نه. دوائون مليون آهن،

جواب مليو نه. توهان جا گهر ڪٿي آهن؟  اهي هر ڏهين سال ٻوڏ ۾ ڊهي ويندا آهن. پوءِ اهي توهان کي ڪير ٺھرائي ڏيندو آهي؟ اسان پاڻ ٺاهيندا آهيون. حاصل مطلب امداد نه پئي ملي. دوائون نه پيون ملن. گهر ڊهي ويا آهن، انهن کي اسان پاڻ ٺاهيندا آهيون. باقي رياست پاڪستان کي عالمي امداد ۾ ملندڙ روڪ اربين رپيا، اربين رپين جو سامان ۽ دوائون، گهرن جي تعمير لاءِ ملندڙ پيسا ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ ڇا اينجلينا جولي، عالمي نشرياتي ادارن جو خبرون ۽ رپورٽون امداد ۽ مدد ڪندڙ ملڪ مانيٽر نه ڪندا هوندا؟ جنهن مان انهن کي هڪ واضح پيغام ملي ٿو ته اسان جيڪا امداد ٻوڏ متاثرن لاءِ موڪلي هئي اها ته وڏي حد تائين نظر نه پئي اچي.

 اها الائي ڪيڏانهن وئي. تنهن ڪري رياست پاڪستان ۽ ان جي حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ته هاڻي اسان ان دنيا کي وڌيڪ دوکو ۽ بيوقوف نٿا بڻائي سگهون جيڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪري هڪڙو عالمي ڳوٺ بڻجي وئي آهي ۽ ڪا به استادي، اداڪاري، ڊرامي بازي، ناٽڪ ۽ جڳاڙ گهڻا ڏينهن جٽاءُ نٿو ڪري سگهي ۽ ٿوري وقت ۾ ئي سڀ پول پڌرا ڪريو ڇڏي. تنهن ڪري بهتر آهي ته پنهنجين پراڻين ۽ مدي خارج پاليسين ۽ حڪمت عملين کي تبديل ڪري پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ حقيقي ڪم ڪجي ۽ پراڻي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن واري ڪاروبار کي هميشه هميشه جي لاءِ خيرباد چئجي.