ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن ۾ بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، سروسز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشنز موجب ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي ايم ڊي زبير چنا کي عهدي تان هٽائي امتياز شاھ کي ايم ڊي مقرر ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي فيروز آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر عصمه بتول کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي عميمه سولنگي کي اي سي فيروز آباد مققرر ڪيو ويو آهي، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي ڊپٽي سيڪريٽري زين العابدين چنا کي اي سي لانڍي مقرر ڪري اتان يونس احمد کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، عبدالستار هڪڙو کي گلشن اقبال مان بدلي ڪري اي سي گڏاپ مقرر ڪيو ويو، جتان زاهد جوڻيجو کي هٽايو ويو، جڏهن ته رضوان عالم کي اي سي گلشن اقبال مقرر ڪيو ويو آهي، محمد ذاڪر کي ڏهرڪي ۾ اي سي، عمران الحق اي سي ڪي اين شاھ، هاشم مسعود ککي اي سي گولاڙچي، ڪاشف رضا کي اي سي هيڊ ڪوارٽر شهيد بينظيرآباد، بابر علي کي اي سي ميرپور بٺورو، غلام حيدر خاصخيلي کي اي ڊي سي ون سجاول، ارسلان طارق کي اي  سي ٽنڊو غلام حيدر، احمد مرتضيٰ کي اي سي حيدرآباد، سرهاڻ ابڙو کي اي ڊي سي ٽو حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت مختلف ضلعن جي تعلقن ۾ مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنرن جي مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.