اسان وٽ ڪڏھن بہ، ڪنھن بہ قسم جا پاليسي ساز ادارا يا فرد جڏھن بہ ڪجھ نوان منصوبا يا رٿائون آڻڻ چاھين ٿا يا آڻين ٿا تہ، ايندڙ امڪانن يعني سياسي، سماجي ۽ ماحولياتي اثرن ۽ حالتن، واقعن، تھوارن، ڏڻن، شادين جي موسمن جي باري ۾ نہ سوچين ٿا، نہ پنھنجي ماضي وارن ناڪام تجربن جي روشني ۾ نئين رٿائن کي اھڙي نموني سان تيار ڪن ٿا جو جيڪڏھن انھن کي عملي ويس پھرائجي تہ عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن جو انگ گھٽ ۾ گھٽ نروار ٿئي. ھنن جي ھڙني رٿائن، منصوبا بندين ۽ پروگرامن کي ڏسي لڳندو آھي تہ بس خانا پُري ئي ڪرڻي آھي ۽، فائيلن جو پيٽ ئي ڀرڻو آھي، ڇاڪاڻ جو ھنن جي، انھيءَ عمل جي پويان ڪنھن بہ قسم جي ڪابہ رٿا يا ڪوبہ منصوبو شامل ناھي ھوندو سواءِ، ھن ڳالھ جي تہ، ھو پنھنجيون مرضيون ھلائين ٿا، ذاتي مفادن ۽ خواھشن کي پاڻي ڏين ٿا ۽، اھڙي طرح سان اھي پنھنجي صاحبي جا جوھر ڏيکارڻ سان گڏ ذھني تسڪين کي حاصل ڪرڻ جا بھانا بہ ڳولين ٿا. سنڌ ۾ ھن وقت ھڪ پاسي وفاقي حڪومت جي سھڪار ۽ طاقتور ادارن جي آشيرواد سان، پنجاب پاران سنڌوءَ مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ جي خلاف وڏي ڪاوڙ ۽ بيچيني موجود آهي ۽ رنج و الم جو اظھار ڪيو پيو وڃي. لڳ ڀڳ زندگي جي ھر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻھو وفاق جي انھيءَ دريا دشمن اڳڀرائي خلاف رستن تي آھي. ٻئي پاسي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ اسڪولن پاران امتحانن جي مند بہ پنھنجي زورن شورن تي آھي. اڌ امتحان رمضان جي بابرڪت مھيني ۾ ٿي چڪا آھن تہ اڌ اڃان ٿيڻا آھن. ڪينالن خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۽ امتحانن سان جڏھن عيدالفطر جون خوشيون ۽ موڪلون بہ شامل ٿي ويون آھن تہ ٻارن جي پڙھائي ۽ امتحان تمام گھڻو متاثر ٿيا آھن. امتحان ڇا آھن؟ امتحان ڇاکي چئبو آھي؟ امتحان ڇو ضروري آھن؟ امتحان ڇو ورتا وڃن ٿا؟ اچو تہ ھنن سوالن جي جوابن جي باري ۾ ڳالھ ٻولھ ڪريون. ھونئن تہ امتحانن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا پر ٿلي ليکي جيڪي امتحان اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٻارن سان تعلق رکن ٿا انھن ۾ شامل ھڪڙا اھي امتحان آھن جن کي موڪس امتحان (پڇا ڳاڇا ۽ ڪجھ ٽيسٽ نما امتحان) چيو وڃي ٿو؛ جيڪي سنڌ جي تعليم کاتي جي پاليسي موجب پھرين درجي کان ٽئين درجي تائين وٺڻ گھرجن پر اھڙن اسڪولن جو تعداد تمام گھٽ آھي جيڪي موڪس منعقد ڪن ٿا.
ٻيا آھن سواليا پرچن وارا امتحان، جن کي چوٿين درجي کان اٺين درجي تائين منعقد ڪيو وڃي ٿو ۽ جن کي ھڪ مخصوص ۽ مقرر وقت اندر ورتو ويندو آھي. نوٽ ڪرڻ جھڙي ڳالھ ھي آھي تہ، اسان وٽ اسڪولن جي اڪثريت پھرين درجي کان اٺين درجي تائين جي لاءِ سواليا پرچن وارا امتحان ڪرائيندي آھي. جن ٻارن جو تعلق پھرين کان ٽئين درجي سان آھي ۽ جن کي اڃان لکڻ پڙھڻ ۾ بہ دقت محسوس ٿيندي آھي پر امتحاني فيَن جي آڙ ۾ ھنن کي بہ لکت وارن امتحانن جي بٺي مان گذاريو وڃي ٿو. ٽيان اھڙا امتحان آھن جن کي ھر ڊويزن جي لاڳاپيل بورڊ يا اسڪول رجسٽرڊ بورڊن پاران ورتو وڃي ٿو. ياد رکڻ گھرجي تہ بورڊن وارا امتحان ئي اھي امتحان آھن جن تي لٺ بہ لڳندي آھي تہ سٺن گريڊن ۽ مارڪن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پيسو ڏوڪڙ بہ سيڙايو ويندو آھي. اصل ۾ بورڊ امتحان ئي اھي امتحان آھن جن جي بدولت ٻارن کي ھنن جي بنيادي تعليمي سفر، جيڪو ڏھن سالن جي عرصي تي مشتمل آھي ۽، بعد وارو تعليمي سفر جيڪو وري ٻن سالن تي مشتمل آھي ۽، جنھن جي بنياد تي ٻار پنھنجي ايندڙ زندگي جي سنوار جي لاءِ باوقار پيشي جي چونڊ پڻ ڪندا آھن؛ جي پڄاڻي تي الڳ الڳ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويندو آھي. مقرر عرصي وارا ھي ٻنھي قسمن جا سرٽيفڪيٽ اسان کي ڪنھن بہ ٻار جي باري ۾ بنيادي سُڌ ڏيندڙ ھوندا آھن خاص طور تي ميٽرڪ / او ليول جا سرٽيفيڪيٽ جيئن: ٻار جو ھن جي والد جو نالو، ڄم تاريخ، اسڪول جنھن ۾ پڙھيو، ڪھڙي سال ۾ امتحان ڏنائين ۽ ڪھڙي سال ۾ پاس ڪيائين، ميٽرڪ / او ليول پاس آھي يا انٽرميڊيئٽ / اَي ليول تائين جي تعليم حاصل ڪيل اٿس. گريڊ ڪھڙا ۽ مارڪون ڪيتريون اٿس، ڪھڙي شعبي ۾ پڙھيو آھي وغيرھ. ھن ڳالھ جو تمام گھڻو ڌيان رکيو وڃي تہ ٻار جي باري ۾ جيڪا بہ بنيادي معلومات ۽ اسپيلنگ ھن جي ميٽرڪ واري سرٽيفڪيٽ ۾ درج ٿيل يا ٿي وئي آھي ايندڙ سرٽيفڪيٽن ۾ بہ جھڙوڪ: ڊوميسائل، فارم ڊي ۽ سي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ وغيرھ ۾ بہ ان معلومات جي ئي پيروي ڪئي وڃي. ميٽرڪ جي برابر واري تعليم کي بين الاقوامي طور تي “او ليول” ۽ انٽر ميڊيئٽ جي برابر واري تعليم کي “اَي ليول” جي ذمري ۾ ڳڻيو ويندو آھي. ھن وقت دنيا ۾ ھي بحث بہ ھلي رھيو آھي تہ اسڪول ۽ ڪاليج جي ھر سطح واري تعليمي سفر جي لاءِ آيا امتحانن وارن ھنن سلسلن کي جيئن جو تيئن جاري رکجي يا موڪس وانگي بس ھفتيوار، مھينيوار ۽ ٻماھي (باءِ منٿلي) ٽيسٽون وٺي ٻارن کي بورڊن / ڪيمبرج (او ۽ ايَ ليولز) جي امتحانن ۾ ويھارجي.
امتحانن جي مند جاري آھي، عيد ۽ عيد جون موڪلون گذري چڪيون آھن پر عيد جي موڪلن ختم ٿيڻ بعد صرف ھڪ ڏينھن لاءِ يعني 3 اپريل تي اسڪول کولڻ، وري 4 اپريل تي ھڪ اضافي موڪل جي ڪري اسڪول بند رکڻ، وري ڇنڇر 5 اپريل تي اسڪول کليل ھجڻ ۽ ان بعد 6 اپريل واري ڏينھن معمول جي آچر واري موڪل ھجڻ ڪري ٻارن جي پڙھائي ۽ امتحانن تي ڪھڙو اثر پوندو يا پيو آھي، ان جي باري ۾ اسان جي تعليم کاتي جي ڪامورن ۽ اسڪولن جي انتظاميائن کي ھي خيال ئي نہ آيو آھي تہ ھڪ ڏينھن لاءِ اسڪول کولڻ ھڪ ڏينھن بند رکڻ وري ھڪ ڏينھن کولڻ وري ھڪ ڏينھن لاءِ بند ھجڻ واري ھن سرڪاري مذاق سان ٻارن کي ڪھڙو فائدو رسندو يا نقصان پر، سواءِ ھن ھڪ معلومات جي تہ: 4 اپريل، 1979ع تي پاڪستان جي اڳوڻي وزيرِ اعظم ۽، سنڌ ڄائي جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي راولپنڊي جي جيل ۾ ھڪ فوجي آمر پاران ھڪ جڙتو ڪيس ۾ ڦاسائي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڦاھي ڏني وئي ھئي. سڀني کي خبر آھي تہ ڪنھن بہ تعليمي اداري جا امتحان اھڙيون تہ خاص مدي واريون يا مقرر ساليانيون پر، اھم سرگرميون ھونديون آھن، جيڪي ٻارن جي پڙھائي وارن مرحلن جي پڄاڻي جي لاءِ حتمي تصور ڪيون وينديون آھن. جيڪي تسلسل گھرنديون آھن. جٽاءُدار، پرسڪون ماحول ۽ ساز و سامان گھرنديون آھن. وڏي ڳالھ تہ ھڪ مڪمل رٿابندي گھرنديون آھن. اسان جا سڀئي تعليمي ادارا سرڪاري توڻي خانگي سواءِ نوٽيفيڪيشنز تي انڌو منڊو عمل ڪرڻ جي ٻارن کان امتحان خاص طور تي ساليانا امتحان وٺڻ جي لاءِ باقاعدا طور تي ڪا بہ رٿابندي نٿا ڪن. سنڌ جيڪا پاڪستان جي ھر مصيبت کي جھيڙڻ سان گڏ پنھنجن پراون جي سياسي ۽ سماجي غلطين کي بہ برداشت ڪري رھي آھي، ات اھا ھر اداري جي بالا آفيسرن جي نااھلين جو شڪار بہ رھندي پئي اچي. اسان جي سنڌ حڪومت ھڪڙيون تہ اھي موڪلون بہ ڪرائي ٿي، جيڪي وفاقي آھن. پر سنڌ ۾ بہ حال ھي آھي تہ ھر مذھبي فرقي ۽ سياسي ڌر کي راضي رکڻ جي لاءِ ڪجھ اھڙيون موڪلون بہ ڪرائي ٿي، جيڪي حقيقت ۾ اضافي موڪلون آھن ۽ جن کي نہ ڪرڻ سان ڪنھن بہ قسم جو ڪوبہ فرق نٿو پوي. پر ڪرڻ سان فرق ضرور پوي ٿو. يعني اصافي موڪلن جي ڪري ٻار ڀلي خوش ٿيندا ھجن پر ھنن جي پڙھائي ۽ امتحانن وارو عمل ۽ سرگرمي ٺيڪ ٺاڪ متاثر ٿئي ٿي. گذارش ھي آھي: اول تہ اضافي موڪلون ڪيون ئي نہ وڃن پر جيڪڏھن ڪيون وڃن تہ ان جي لاءِ سال ڀر جي امڪاني پر، اھم سرگرمين کي نظر ۾ ضرور رکيو وڃي ۽ سھڻي نموني سان رٿابندي ڪئي وڃي.