گذريل سٺ ستر سالن کان ملڪ ۾، ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جي بورڊن پاران ٿيندڙ امتحانن ۽ گذريل ويهارو کن سالن کان مختلف يونيورسٽين ۽ پيشيوارڻي ادارن پاران جيڪي داخلا ٽيسٽون ورتيون وڃن پيون اهي سڀ امتحان ۽ ٽيسٽون نوجوانن جي نظر ۾ پنهنجي پنهنجي اهميت ڇو وڃائي رهيون آهن! ڇا هي حقيقت آهي ته بورڊ امتحانن جي اهميت گريڊن جي وڪري ۽ يونيورسٽين جي داخلا ٽيسٽن يا هنڌين ماڳين موجود ڪوچنگ ۽ ٽيوشن سينٽرن وڃائي ڇڏي آهي؟ ۽ يونيورسٽين جي داخلا ٽيسٽن جي اهميت وري انهن ٽيسٽن جي نتيجن وڃائي ڇڏي آهي؟ جھڙي طرح سان آسان جا نوجوان ٻڌائين ٿا. بورڊ جي ايَ – ون يعني ايَ – پلس گريڊن جي جنهن ڏينهن کان مارڪيٽنگ ڪئي وئي آهي، بورڊ جي امتحانن پنهنجي ايتري ته اهميت وڃائي ڇڏي آهي جو ٻار، والدين، اسڪولن جا سربراهه ۽ مالڪ پاڻ ٻڌائين ٿا ته “اسان جي نمايان ڪارڪردگين جي پويان ڏوڪڙ پيسي جو ڪمال آهي. جنهن جو سبب سي جي پي ايَ (ڪيوميوليٽوِ گريڊ پوانئٽ ايوريج) آهي” هو ٻڌائين ٿا ته. “جيڪڏهن اسان ڏوڪڙ نه ڀرينداسين ته اسان جي / اسان جي ٻارن جي يونيورسٽين ۽ سٺن ڪاليجن ۾ داخلا نه ٿي سگهندي.” گريڊ ٽڪن تي ملڻ وارو اعتراف ڪجهه مهينا اڳ بورڊ جي هڪ سربراهه پاران به ڪيو ويو هو. پر اهو اعتراف رات وئي گذري ۽ ڳالهه وئي وسري واري ڪار وانگي وقت جي دز ۾ ڪٿي گم ٿي ويو. گريڊن جي وڪري جي حوالي سان سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته جيڪو جيڪو فرد يا ڪٽنب هن قسم جي خرچن کي برداشت ڪرڻ جي سگهه رکندڙ آهي اهو ته پنهنجو ٻيڙو پار ڪرائي وڃي ٿو پر جيڪي حقيقت ۾ محنت ڪن ٿا. پنهنجين ڪاميابين جي لاءِ ننڊون ڦٽائين ۽ حيلا وسيلا ڪن ٿا انهن جو حق ماريو وڃي ٿو.
جڏهن کان يونيورسٽين ۽ پيشيوراڻي ادارن پاران داخلا ٽيسٽن جي صورت ۾ نوجوانن جي ٻارنهن سالن واري تعليم تي پاڻي ڦيريو وڃي پيو ان پاڻي اسان جي نوجوان جي ذهنن ۾ ڪجهه سوالن کي جنمي ڇڏيو آهي پر انهن سوالن جي پرواهه نه اسان جي تعليم کاتي کي آهي، نه حڪومتِ وقت کي آهي ۽ نه ئي وري اسان جي وڏين سياسي پارٽين کي آهي. داخلا ٽيسٽون نوجوانن کي ڏين ڇاٿيون؟. هي به هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو اڄ اسان جي هر ان نوجوان جي ذهن ۾ گردش ڪري رهيو آهي جيڪو يونيورسٽين جي داخلا ٽيسٽ ڏيڻ بعد الجهن جو شڪار ته ٽيسٽ جي نتيجن اچڻ بعد مايوس ٿي وڃي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي جي داخلا ٽيسٽ جي نتيجن اچڻ بعد ۽ داخلا جي حوالي سان شهر جي ڪجهه نوجوانن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته اهي مونکي داخلا لاءِ نااميد نظر آيا. نه صرف ايترو پر هنن پاران هي به چيو ويو ته سائين يونيورسٽين جون داخلا ٽيسٽون اصل ۾ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويون آهن. يونيورسٽيون ڳرين فين جي عيوض اسان کان ٽيسٽ وٺن ۽ نتيجن کي جاري ڪن ٿيون ته اندر ئي سڙي ٿو وڃي. هاڻي اسان توهان کي ڇا ٻڌايون ته نتيجن اچڻ بعد اسان جي ڪيفيت ڪهڙي ٿي وڃي ٿي ۽ اسان جو مستقبل ڪيڏو اونداهو ٿي وڃي ٿو. اسان جي ٻارنھن سالن واري تعليم جو به ٻيڙو ٻڏي وڃي ٿو، ته اسان جي اميدن تي به پاڻي پئجي وڃي ٿو. غلطيون بورڊن ۽ يونيورسٽين جو عملو ڪري ٿو ۽ لوڙيون وري اسان ٿا. هنن پاران ثابتي طور کوڙ اهڙا مثال پيش ڪيا ويا ته اسان جي تعليم جي امتحاني ۽ ٽيسٽن واري سرشتي جا ڪهڙا حال آهن؟ تازا مثال جيڪي هنن پاران پيش ڪيا ويا اهي هي آهن. پوري ملڪ ۾ ٿيندڙ سڀني ميڊيڪل ڪاليجن جي داخلا ٽيسٽ جيڪا يونيورسٽين جي عملي پاران ليڪ ٿيڻ سبب پنهنجي اهميت وڃائي ويٺي آهي. توڙي جو معاملو هاڻي ڪورٽ ۾ آهي پر سنڌ حڪومت ان جي نتيجن تي عدم اعتماد اظهار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي ڪاليجن جي لاءِ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائي رهي آهي. ٻيو مثال سنڌ يونيورسٽي جي داخلا ٽيسٽ آهي. سنڌ يونيورسٽي پنهنجي مختلف شعبن جي 14825 نشستن جي لاءِ، 21328 اسان اميدوارن کي ٽيسٽ ۾ ويهاريو ۽ پاس ٿياسين صرف 4360. آهي نه وڏي مزي جي ڳالهه.
هنن چيو پئي ته هاڻي سوچيو جڏهن هڪ ٻار ٻاراڻي، ابتدائي، ثانوي ۽ اعلى ثانوي واري پنهنجي ٻارنهن سالن واري تعليم پرائي رهيو هجي ٿو ته اهو پنهنجي ان ٻارنهن سالن واري تعليم دوران ٻارنهن سالياني امتحانن ۽ سوين ٽيسٽن مان گذري ٿو. لڳ ڀڳ سئو ڪتابن کي پڙهي پورو ڪري ٿو. سوين استادن جي رهنمائي هيٺ رهي ٿو. وڏي ڳالهه ته پنهنجي ان ٻارنهن سالن واري تعليمي سفر دوران هو مختلف شهرن جي مختلف ڪوچنگ ۽ ٽيوشن سينٽرن تي به پڙهي ٿو. اهو جڏهن داخلا يا نوڪري خاطر صرف ڏيڍ ڪلاڪ جي هڪ ٽيسٽ ۾ ويهي ٿو ته ناپاس ٿي پئي ٿو. اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو. يونيورسٽيون مڃيون ٿا قابل استاد ٿيون رکن. مڃيون ٿا ته سندن جي داخلا ٽيسٽن جو معيار به آهي پر اسان سندن جي نتيجن کي بلڪل به تسليم نٿا ڪريون، ڇاڪاڻ جو اسان سمجهون ٿا ته اهڙي قسم جا نتيجا جاري ڪرڻ اسان سان وڏي ناانصافي آهي اسان جي ٻارنهن سالن جي تعليمي سفر جي توهين آهي. بورڊ جي امتحانن ۾ نقل کي جواز بڻائي اسان جي صلاحيتن تي داخلا ٽيسٽن جي شڪل ۾ جيڪڏهن سوال اٿاريا وڃن ٿا ته اسان صرف ايترو چئون ٿا ته ان نقل جي ماحول کي گذريل پنجاهه سٺ سالن کان ڪنهن برقرار رکيو آهي؟ انهن استادن، اسڪولن، بورڊن ۽ پاليسي سازن خلاف قدم ڇو ڪونه ٿو کنيو وڃي جيڪي سڌي يا اڻسڌي طر نقل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۾ ڀائيوار آهن. ڇو صرف اسان کي خوار خراب ڪيو وڃي پيو. ڇو اسان جي مستقبل سان نقل، امتحانن ۽ ٽيسٽن جي صورت ۾ راند کيڏي پئي وڃي. نوجوانن جي ڳالهين ۽ اٿاريل سوالن تي جڏهن ٿورو غور ويچار ڪيو ته مونکي سنڌ جي تعليم جيڪا اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ يا اسي واري ڏهاڪي تائين هئي ان جيڪي اسان کي خوشيون ۽ اطمينان ڏنا هئا؛ ۽ جيڪي داڻا پيدا ڪيا هئا ان قسم جون خوشيون، اطمينان ڏيڻ؛ ۽ داڻا پيدا ڪرڻ کان اسان جي اڄڪلهه جي تعليم نابري ڇو واريون بيٺي آهي سمجهه ۾ اچي ويو. توهان پاڻ به غور ڪيو ته سنڌ جي هڙني ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جي بورڊن پاران ورتل سال 2022 – 2023 جي نائين– ڏهين جي امتحانن جا نتيجا هن وقت هفتي ٻئي هفتي اچي رهيا آهن. هڪ لقاءُ واقعي مونکي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهو هي ته نتيجن جي اچڻ بعد جهڙي طرح سان ٻارن کي خوش ٿيڻ گهرجي ائين نظر ڪونه پيو اچي. ماضي ۾ مائٽ جيڪي پنهنجي ٻارن ۾ وڏيون وڏيون اميدون رکندڙ هئا. انهن جي چهرن تي سندن جي ٻارن جي سٺن نتيجن جي اچڻ کانپوءِ جنهن قسم جي سرهائي محسوس ٿيندي هئي اڄ اهڙا مائٽ ڳوليو ڪونه ٿا ملن. اسڪول جيڪي ڳچ تعداد ٻارن جو بورڊن جي امتحانن ۾ ويهارن ٿا، اچرج ٿو وٺي ته نتيجن اچڻ بعد اتي به خاموشي جو راڄ آهي. توڙي جو اسڪولن جي ٻارن جا نتيجا صرف سٺا نه پر بهترين اچي رهيا آهن پر اهي به پنهنجن انهن نتيجن تي ناز نٿا ڪن. نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه هي آهي ته جڏهن مون نوجوانن کان هن لقاءُ جو سبب پڇيو ته جواب آيو ته، “سائين سڀ پيسا جو ڀريون ٿا.” ھن ڳالھ مان ظاھر ٿئي ٿو تہ بورڊ امتحانن ۽ يونيورسٽين جي داخلا ٽيسٽن جي نتيجن جو انجام ڪھڙو ٿي رھيو آھي.