”امان وڏي”- سنڌ جي ھڪ خوبصورت روايت

0
102
”امان وڏي”- سنڌ جي ھڪ خوبصورت روايت

 اسان پنھنجي اوسي پاسي نظر ڦيرائينداسين ته اسان کي ڪيترائي عام مگر منفرد ڪردار ملندا، جيڪي اسان جي سماج جي خوبصورت روايتن جا امين  آھن.  خوبصورتي انفرادي ھجي يا اجتماعي، ان کي ھميشه جز کان ڪل طرف سمجھڻ گھرجي، جنھن ۾ ماڻھوءَ جي پنھنجي ذاتي ڪرداري خوبصورتي سماج جي ڪُلي (مڪمل) ڪرداري  خوبصورتيءَ واري احساس جي تڪميل ڪري ٿي، يا ان کي وڌيڪ سگھارو بڻائي ٿي ڇڏي. اسين ڪنھن خوبصورت عمارت کي تڏھن خوبصورت چونداسين، جڏھن ان جي ھر ھڪ سر پنھنجي جڳھ تي ٺھڪيل ھوندي پر جيڪڏھن ڪا ھڪ به سر آڏي ابتي ۽ اڻ ٺھڪيل ھوندي ته عمارت جي مجموعي خوبصورتيءَ وارو ھي گڏيل تاثر، جيڪو ڪنھن ڏسندڙ جي دل و دماغ کي ڪيف ۽ سرور عطا ڪري ٿو، سو متاثر ٿي پوندو. سمجھڻ گھرجي ته زندگيءَ جي ھر عمل ۾ رڌم ۽ ترتيب ئي سونھن واري سُرور کي جنم ڏين ٿا. انھيءَ ڪيف ۽ سُرور جي ماپي جا ماڻ ۽ معيار ھر ماڻھوءَ وٽ پنھنجا پنھنجا آھن. اسان جو سماج پڻ ھڪ عمارت مثل آھي، جنھن ۾ فرد ھڪ سِرَ مثل آھي، جيڪو پنھنجي ريتن رسمن ۽ روين ذريعي ڪنھن انساني سماج کي خاص انفراديت ۽ خوبصورتي عطا ڪري ٿو. انساني  سماج شروع ۾ مادري سماج ھو، ڪٽنب جي اڳواڻ عورت ھوندي ھئي ۽ کيس پنھنجي ڪٽنب ۾، ۽ ڪجھ حد تائين قبيلي ۾ فيصلائتي حيثيت حاصل ھوندي  ھئي. عورت تخليق جو سرچشمو آھي، سماج جي خوبصورتي عورت جي وجود سان ئي قائم آھي. وقت گذرڻ سان مختلف سببن ڪري سماج ۾ آيل تبديلين جي نتيجي ۾ انساني سماج ‘مادري’ مان تبديل ٿي ‘پدري’ سماج بڻجي ويو. نتيجي ۾ رائج الوقت سماجي ريتن رسمن، روايتن ۽ اخلاقي قدرن جي شڪل صورت پڻ تبديل ٿي وئي.

ڪنھن به سماج جي ترڪيبي ھئيت کي سمجھڻ لاءِ ضروري آھي ته ان سماج جي اوائلي ريتن رسمن ۽ فردن جي روين جو ڳوڙھو اڀياس ڪجي، ڇاڪاڻ ته سماجي ارتقاء ۾ ريتن روايتن کي وڏي اھميت حاصل آھي. سماجن کي نپائڻ ۽ ان ۾ پيار ۽ پاٻوهه سان رنگ ۽ روپ ڀرڻ واري عورت ئي آھي .مھين جي دڙي واري منفرد مگر آدرشي سماج ۾ پڻ عورت کي ئي مرڪزي حيثيت حاصل ھئي. اسان جو سنڌي سماج ٻين سماجن جي مقابلي ۾ گھڻي حد تائين صنفي متڀيد کان آجو رھيو آھي. لطيف ته پنھنجي سدا حيات شاعري ۾ عورت جي ڪردار کي بي لوث محبت ڪندڙ، مسلسل جدوجھد ڪندڙ، روشن خيال ۽ روايت شڪن ڪري پيش ڪيو آھي. لطيف ته پنھنجي سورمين کي “لوڪ وھي لھوارو، تون اوچو وھ اوڀار” يا “اک الٽي ڌار، ونءُ ابتو عامَ سين” جي تلقين ڪري ٿو. باقي مختلف نسلي گروھن جي سنڌ طرف جيڪا لڏ پلاڻ ٿي آھي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ   تھذيبي ۽ ثقافتي آلودگين جي ڪري اسان جي سنڌي سماج مان اھڙي قسم جون ڪيتريون ئي خوبصورت روايتون آھستي آھستي ختم ٿينديون پيون وڃن، جيڪي اسان جي پنھنجي انفرادي ۽   قومي سڃاڻپ ھيون/آھن. اسان جي لوڪ ادب ۽ لوڪ ڏاھپ ۾ اھڙي قسم جو جھجھو مواد اڄ به موجود آھي،

 جيڪو اسان جي صنفي متڀيد کان آجي ھڪ آدرشي سماج جي ساک ڀري ٿو، جنھن ۾ عورت کي مرڪزي حيثيت حاصل ھوندي ھئي. اڄ به اسان جي اوسي پاسي عورت جو ھڪ ڪردار “امان وڏي” جي شڪل ۾   موجود آھي، ۽ اسان جي ڪيترن ڳوٺن ۾ ڪنھن جھانديده بزرگ عورت “امان وڏي” جي تصور سان موجود آھي. اھا “امان وڏي” نه صرف سموري ڳوٺ جي عورتن جي اڳواڻ ھوندي ھئي/آھي پر ڪٽنب ۽ ڳوٺ جي مردن لاءِ پڻ عزت ۽احترام جو مرڪز ھئي/آھي.

  1977۾ ڪراچي جي ملير (ضلعي) ۾ موجوده ڪاٺوڙ بستي کان تقريبن 10 ڪلوميٽر پري جابلو علائقي ۾ ھڪ بند ٿي ويل پرائمري اسڪول کولرائي اتي تدريسي عمل کي شروع ڪرڻ جو تعليم کاتي پاران حڪم نامو اچي مليو. ان وقت سواريون گھٽ ھيون. مون وٽ ھڪ پراڻي سائيڪل ھئي، جنھن تي سوار ٿي گس پنڌ پڇائيندو وڃي اسڪول پھتس. اسڪول وري ڇا ھو؟ مسجد جي پاسي ۾ ٺھيل ھڪ جھوپڙي ھئي،

 جيڪا پڻ ڪِرڻ کي ويجھو ھئي. تنھن دور ۾ اسان پرائمري ماسترن جي ھميشه رلي ڪلھي تي ۽ ماني راڄ تي ھوندي ھئي. ھن ڪوھستاني ڳوٺ ۾ نه ڪا ھوٽل ھئي، نه ئي ڪا ٻي اھڙي جڳھ، جتي وڃي فارغ ٽائيم پاس ڪجي. ڏينھن جو سموري ڳوٺ ۾ ڪُڪڙو ڪُو لڳي پئي ھوندي ھئي. ماڻھو ھڪڙا مزدور پيشه ۽ ٻيا مالوند مارو، صبح جو سوير گھران نڪرن ته سانجھي ٽاڻي جو ٿڪي ٽُٽي پنھنجي ماڳ موٽن. پوءِ ڳوٺ ۾ ايندڙ ويندڙن کي سامھون ڪير ٿئي؟ گرميءَ جي موسم، ٽاڪ منجھند جو لُڪ ۾ لوساٽجي ٻنپھرن جو وڃي ڳوٺ ۾ پھتس ۽ وائڙن وانگر ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳس. ڪجھ دير بعد لڳ ڀڳ پنجاهه پنجونجاهه سالن جي، روايتي سنڌي لباس ۾ ملبوس ھڪ باوقار عورت اچي سلام ڪيو، مردن وانگر حال حوال ورتائين ۽ فٽا فٽ ماني ٽڪيءَ جو انتظام ڪيائين. اھا ھئي ڳوٺ جي برجستي مھمان نواز عورت، جنھن کي سمورو ڳوٺ  “امان وڏي” سڏيندو ھو. سڄي ڳوٺ ۾ سندس دٻدٻو ھوندو ھو. ڀلي ڪيترا به مھمان اچن، مجال آھي جو مھمانداريءَ ۾ ڪو فرق پوي! ھڪ ڀيري اسڪول جو  سپروائيزر صاحب اوچتو وزٽ تي آيو، “امان وڏي” يڪدم پھچي وئي. صاحب کي ۽ مون کي حڪم ڪيائين ته بغير مانيءَ جي ناھي وڃڻو. صاحب کي ٻيا اسڪول به وزٽ ڪرڻا هئا، انھيءَ ڪري مانيءَ جو انڪار ڪيائين پر پوءِ به چيائين ته جي ماني نٿا کائو ته ڪجھ دير انتظار ڪريو، آئون اچان ٿي. ٿوري دير ۾ ڪڪڙ ڪھائي گوشت کڻي آئي. صاحب جي  انڪار باوجود کيس زوريءَ گوشت ڏنائين ته گھر وڃي ٻوڙ رڌائي کائجو. اها منھنجي پاران مھماني آھي.

“امان وڏي”، وڏي مھمان نواز باوقار برجستي عورت ھئي. آيل مھمانن جي مھمانداري لاءِ ھر وقت تيار رھندي ھئي. ھڪ ڀيري مون وٽ پنج ڇھ دوست مھمان ٿي آيا. صبح جو ناشتي ۾ تازي لسي مکڻ، ماکي، اُڦراٺا ته اچي ويا پر ڪوھستاني رواج موجب ناشتي سان گڏ تيل ۽ سرمون پڻ ..!!“امان وڏي” جي ڀرپور سھڪار سان اھو بند پيل اسڪول مون نه صرف ڪاميابي سان ھلايو پر مختلف ڪلاسن ۾ داخل ٿيل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ريگيولر بڻائي داخلا کي لڳ ڀڳ سئو شاگردن تائين پھچائي ڇڏيو ھو. آئون اڄ به سمجھان ٿو ته جيڪڏھن مون کي “امان وڏي” جو سھڪار حاصل نه ھجي ھا ته شايد مون کي وڏين مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پوي ھا.

ھن وقت  ڪراچي جو ھي سمورو علائقو  بحريه ٽائون ۽ DHA جي بي رحم والار  سبب ھڪ طرف پنھنجي فطري سونھن وڃائيندو پيو وڃي ته ٻئي طرف تيزي سان ٿيندڙ ملٽي ڪلچرڊ اربنائيزيشن (اربنائيزيشن جا فائدا ھڪ الگ بحث آھي) سبب پنھنجي خوبصورت سماجي روايتن، رنگ برنگي ثقافت ۽ پياري ٻوليءَ کان پڻ محروم ٿيندو پيو وڃي. ٻھراڙيون ئي ڪنھن ٻولي ۽ ثقافت جون ابتدائي نرسريون ھونديون آھن،

 جتان صدين جي لوڪ ڏاھپ جي حاصلات جي نتيجي ۾ اھڙا املھ ڪردار جنم وٺندا آھن. ملٽي ڪلچرڊ اربنائيزيشن سماجي ارتقاء جو ھڪ ايڊوانس ڏاڪو ضرور آھي، پر ھر سماجي پرت پاڻ کان اڳ واري سماج جي ملبي تي پنھنجا بنياد رکندو آھي. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته سنڌ جي سماجي تاريخ اھڙن منفرد ڪردارن جي ذڪر کان سواءِ اڻ مڪمل رھندي. اسان کي گھرجي ته اھڙن ڪردارن تي لکون ته جيئن سنڌ جي ھڪ الڳ سماجي تاريخ مرتب ٿي سگھي ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل پنھنجي شاندار روايتن کان واقف ٿي سگھي.