امان حور توکي سرخ سلام … سورج پليجو

0
44
امان حور توکي سرخ سلام ... سورج پليجو

امان حور توکي سرخ سلام ، امان حور توکي سرخ سلام

تون ھوئين روشني، تون ھوئين سوجھرو

تون ھوئين صبح جو پيام ، امان حور توکي سرخ سلام

امان حورالنساءَ پليجو سنڌياڻي تحريڪ جي باني، رھنما، ليکڪا مظلومن جي ساٿي، مزاحمتي گيت چوندڙ  اڄ اسان سان جسماني طور تي گڏ ناھي پرسندس فڪر سندس يادون اسان سان گڏ آھن . امان حور جون ڪجھه ساروڻيون اڄ آئون توھان سان ونڊڻ چاھيان ٿي.

                         ننڍپڻ کان جيئن اک کلي مون پنهنجي ماسي امان حورالنساءَ  ۽ منھنجي امان غلام فاطما کي گڏ گڏ ڏٺو،  امان غلام فاطما جو ته ڄڻ روح ۽ ساھه امان حور ۾ پيل ھو ، ٻنھي جي ھڪٻئي کانسواءِ سرندي ڪون ھئي.

                          سڄي ڪٽنب وارا امان حورالنساءَ  کي پيار مان حور ۽ امان غلام فاطما کي وري مني چوندا ھئا ۽  جڏھن ٻنھي جي باري ۾ پڇندا ھئا ته، چوندا ھا ته، حور مني ڪٿي آھن   حور مني ڇا پيون ڪن، ڄڻ ته، حور مني ھڪ نالو ھجي،  ٻنھي ڀينرن جي خاندان جي ٻارن پالنا ھڪ ئي گھر ۾ ٿي ۽ اسان جي خوشقسمتي ھئي ته، اسان کي ننڍپڻ کان ئي کي ٻه، مائرون ملي ويون. ١٩٨٣  دور ۾ امان جڏھن جنرل ضياءَ جي دور ۾ جيل وئي ته امان حور اڪيلي اسان ٽن ٻارن جي 9 مھينا  سار سنڀال لڌي.

 امان حور  ننڊپڻ ۾ اسان کي  پرين جون آکاڻيون، بھادري جا قصا،  ابن ڏاڏن  جا قصا ۽ داستان ٻڌائندي ھئي ته، امان غلام فاطمه وري اسان ٻارن جي ڪپڙي لٽي جو خيال رکڻ، وارن کي سنوارڻ، کاڌي پيتي جو خيال رکڻ ھوندو ھو ، باقي موسيقي جي ستي اسان کي انھن ٻنھي ڀينرن ننڍپڻ کان ئي ڏني ھئي، ادي حور کي گھر جو انتظام ھجي يا ميٽنگ ڪرڻ جو انتظام تمام بھترين نموني ڪندي ھئي ، ڪو به ڪم ھجي چاھي گھر کان ٻاھر ھجي يا اندر ھجي جھٽ پٽ ۾  وقت کان اڳ ٿي ويندا ھئا، امان حور جيڪو به ڪم ڪندي ھئي تمام تيزي سان ۽ سليقي سان ڪندي ھئي، وقت جي ٿمام  گھڻي پابند ھئي، ڪنھن تقريب جلسي يا ميٽنگ ۾ وقت کان اڳ پھچي ويندي ھئي، امان غلام فاطما ان معاملي ۾ ٿوري سست ھئي،  امان حورالنساءَ ڪم جي معاملي ۾ ڪنھن تي به دارومدار نه، ڪندي ھئي، بجاءِ جو  ڪنھن جو انتظار ڪجي، پاڻ ئي ڪري ڇڏيندي ھئي، امان غلام فاطما جو وري رڌپچاءَ تمام ذائيقيدار  ھوندو ھو ، مٺو آواز ھو  ، ملنسار  سٺي ليکڪا ھئي، ٻنھي  ڀينرن پنھنجي ذاتي زندگي ۽ خاندان جي قرباني ڏني،  personal. Family نجي خاندان کي گھٽ وقت ڏنو ، اسان ٻارن پنھنجو ننڍپڻ گھر ۾ اڪيلي گذاريو .

 اسان جو گھر شھر جي ويجھو رستي تي ھوندو ھو، سو  اسان جي ڳوٺ جا ويجھا مٽ مائٽ، ڳوٺ کان شھر جنگشاھي ڏانھن ايندي پھرين اسانجي گھر جي سلامي ڏيندا ا ھئا ، چانھه ماني  کان پوءِ اسپتالن جا چڪر يا ٻين ڪمن ڪارين ڏانھن نڪري ويندا ھئا،  امان حور ۽ امان غلام فاطما کي ھميشا مٽن مائٽن ۽ پارٽي جي خدمت ڪندي ڏٺو، جنگشاھي وارو اسان جو گھر ته ڄڻ پارٽي جو مورچو ھو،  پليجو صاحب جيل ۾ ھو ، روز ميٽينگس ٿينديون ھيون، ورڪشاپ ٿيندا ھيا ، امان حور ۽ امان غلام فاطما سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ڪا به، ڪنڊ يا چونڪ نه ڇڏيو جتي انھن عورتن ۾ سجاڳي نه ڦيلائي ھجي ، سنڌ ۾ جيڪي تحريڪون ھليون انھن ۾ ھنن ٻنھي ڀينرن جو وڏو ڪردار رھيو ، سنڌ جي ڳوٺن جا مسلسل  دورا ڪري  ڳوٺن ۾ وڃي عورتن کي متحرڪ ڪرڻ انھن جو روزمرھ جو ڪم ھو، گھر گھر وڃي انھن کي سندن ذاتي فيصلن جي حق بابت، قومي حقن ۽ نا انصافين بابت ڄاڻ ڏينديون رھيون، عورتن ۾  شعور بيدار ڪيو انھن کي گھرن مان ڪڍي روڊن رستن تي حقن جي ويڙھه ڪرڻ جي ھمت ڏياري، اڄ سڄي سنڌ جون عورتون باشعور آھن ، تحريڪ جي ڪمن سان گڏوگڏ تعليم سان منسلڪ ھوندي ، تحريڪ جي جدوجھد سان گڏ امان حور پنھنجي ماءُ لاڏ ٻائي ۽ پيءُ علي محمد جي بي پناھه خدمت ڪئي.

 امان غلام فاطما ۽ امان حور سان گڏ رھندي زندگي ۾ ڪافي ڪجھه سکڻ لاءِ ملي ويو ، ٻئي ڀينر  پليجي صاحب جي زير تربيت رھيون جنھن جو اثر اسان تي پيو ، جھڙوڪ اعتماد ، صبر ، جدوجھد ، حوصلو، تعليم، تربيت ، خيالن رابطن جي ڏي وٺ جي صلاحيت، ڪتاب پڙھڻ جي عادت، موسيقي جي صلاحيت،  مٽن مائٽن سان پيار، سنڌ جي لاءِ تڙپ، پارٽي جي ماڻھن جو عزت احترام ۽ پرجوشي سان استقبال ڪرڻ، ڪاليج واري دور ۾ امان حور اسانجي استاد، رھنما سان گڏ اسان جي دوست  به ھئي، امان حور دوستن وانگر اسان سان کل ڀوڳ ڪندي  ھئي،  قيمتي رايا ۽ مشورا پڻ ڏيندي ھئي.  مون ، نسيم  ۽ شبانا انھن کان لوڪ گيت سکيا ۽ انھن سان گڏجي ڳاياسين ،

اڄ امان حورالنساءَ پنھنجي پياري ڀيڻ امان غلام  فاطما ۽ پياري  ڀاءُ بابا رسول بخش پليجو سان گڏ آھي، امان حورالنساءَ جي اوچتي وڃڻ سان سڄي سنڌ کي وڏو  نقصان  ٿيو آھي اھا  جيڪو خال  پيدا ڪري وئي آھي ان کي ڪير به ڀري نٿو سگھي. امان حورالنساءَ پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، عورتن جي حقن جي بهادر علمبردار ۽ سنڌ جي سچي خدمتگار ھئي. سندس جدوجهد، همت، ڪيل خدمتن ۽ سنڌ جي ماڻهن سان بي لوث محبت هميشه ياد رهندي.