خيرپور (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي ڊويزن بئنچ خيرپور ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 26 تي جي ڊي اي اميدوار حاجي امام بخش ڦلپوٽو خلاف داخل ڪرايل اعتراض رد ڪندي کيس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ياد رهي ته پ پ اڳواڻ عتيق الرحمان ڦلپوٽو طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ حاجي امام بخش ڦلپوٽو خلاف اعتراض داخل ڪرايو ويو هو. حاجي امام بخش ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته منهنجي خلاف داخل ڪرايل اعتراض “خون ڪري هڪ ۽ ڦاهي چڙهي ٻيو” واري محاوري طور ڪرايو ويو هو. ھن چيو ته ايف بي آر جنهن اڪائونٽ تحت مون مٿان ڏنڊ هنيو هو، اهو منهنجو اڪائونٽ ئي نه هو ۽ انڪم ٽيڪس وارن پڻ پنهنجي غلطي تسليم ڪئي آهي. ھن ٻڌايو ته پهريان رٽرننگ آفيسر کان منهنجو فارم رد ڪرايو ويو هو، جنهن بعد اپيل ٽربيونل طرفان فارم بحال ڪيو ويو. ھن چيو ته مخالفن جي اهڙن حربن مان سندن خوف جي عڪاسي ٿي رهي آهي ۽ سيد قائم علي شاهه جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن. ھن چيو ته مخالف سياسي طور وائڙا ۽ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن جو مخالف اميدوارن جي ڊپ کان ڪورٽن جو سهارو وٺي رهيا آهن. ھن چيو ته جيڪڏھن خيرپور جي عوام کي گذريل حڪومت جون ساڻن ڪيل زيادتيون ياد رهيون ته ايندڙ اليڪشن ۾ انهن جون ضمانتون رد ٿي وينديون.