مائونٽ مينگنوئي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم جو اوپنر امام الحق بيٽنگ ڪندي ڊوڙندي منهن تي ڪري پيو. مائونٽ مينگنوئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ دوران فيلڊر طرفان هيلمٽ جي گرل ذريعي اڇلايل بال سبب امام الحق منهن تي ڪري پيو. بال منهن تي لڳڻ سبب امام الحق ريٽائرڊ زخمي ٿي ميدان کان ٻاهر هليو ويو. ٽيم انتظاميا جو چوڻ آهي ته بال امام الحق جي جبي ۾ لڳي، امام الحق ڪشن ٽيسٽ پاس نه ڪري سگهيو، امام الحق بدران عثمان خان بيٽنگ ڪندو. ٽيم انتظاميا موجب امام الحق کي گرائونڊ ۾ ايمرجنسي سينٽر ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته امام الحق کي اسپتال پهچايو ويندو. واضح رهي ته نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٽئين ون ڊي ميچ کٽڻ لاءِ 42 اوورن ۾ 265 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. نيوزيلينڊ کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ٻه صفر جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. ٻئين ون ڊي ميچ ۾ بيٽنگ ڪندي حارث رئوف کي به هيلمٽ تي بال لڳي جنهن کانپوءِ هو ڪشن لڳڻ سبب گرائونڊ ڇڏي ويو ۽ ان جي جاءِ تي نسيم شاهه کي شامل ڪيو ويو.