ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجهو ايم ايڇ پنھور فارمز تي گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي ڪائونسل جنرل ڊاڪٽر بخيت عتيق الرميثي صوبائي وزير ڄام خان شورو سان گڏ دورو ڪيو. ساڻس واپاري عملدار، سفارتڪار، سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري ظريف احمد کهڙو ۽ سينيئر انجنيئر پڻ موجود هئا. فارم تي غلام سرور پنهور ۽ انتظاميا مهمانن کي ڀليڪار ڪندي، تحقيق تي ٻڌل انبن، ليچي، ڪٿل ۽ ٻين ميون بابت ڄاڻ ڏني. وفد خاص طور تي سنڌڙي، لنگڙو ۽ اڇي چونسي جي ايڪسپورٽ جي حوالي سان دلچسپي ڏيکاري. انبن جي گهٽ مٺاس وارين نئين جنسن، زرعي جديد طريقيڪار، ۽ ڪيلي جي ٿڙ مان تيار ٿيندڙ ڌاڳو بابت پڻ معلومات ڏني وئي .ڊاڪٽر الرميثي چيو ته يو اي اي پاڪستان مان اعليٰ معيار جا ميوا وٺڻ چاهي ٿو ۽ سنڌ جا انب انهن لاءِ تمام دلچسپ آهن. هن دوري کي پاڪ-يو اي اي زراعت سهڪار لاءِ مثبت شروعات قرار ڏنو. وزير ڄام خان شورو فارم جي تحقيق ۽ جديد طريقيڪارن جي تعريف ڪئي.فارم جي ڪو چيئرمين غلام سرور پنهور چيو ته اسين موسمي تبديليءَ جي خلاف سھپ رکندڙ جنسون تيار ڪري رهيا آهيون ۽ جديد زرعي تحقيق ذريعي عالمي معيار وارا ميوا پيدا ڪيا پيا وڃن. آخر ۾ مهمانن کي ايم ايڇ پنھور فارمز تي لکيل ڪتاب پڻ ڏيکاريا ويا