اسلام آباد: پارليامينٽ ميمبرن جي تاحيات نااهلي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنات ه اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿي رهي آهي، چونڊن بابت مونجھارو نه پکيڙيو. ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته تاحيات نااهلي ختم ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ڪرڻي پوندي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جو تعين آئين مطابق نه پنهنجي سوچ موجب ڪيو ويو، اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿي رهيون آهن ته چونڊن بابت مونجھارو نه پکيڙيو وڃي. مختلف عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ سان چونڊن جي رستي ۾ رنڊڪ پيدا ٿيندي.  ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ڇا پارليامينٽ قانونسازي نٿي ڪري سگهي؟ وڪيل خرم رضا چيوته پارليامينٽ قانون سازي ڪندي آهي پر سپريم ڪورٽ ان جي تشريح ڪري ٿي. جسٽس جمال چيو ته پارليامينٽ سزا ڏيڻي هوندي آهي ته آرٽيڪل 63 جيان 62 ۾ به شامل ڪري ڇڏي ٿي.