ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته غير قانوني پناهگيرن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن،  پرامن عام چونڊن  لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو وڃي. ڪالهه سي پي او ۾ ٿيل اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي نيڪالي، اسمگلنگ جي روڪٿام، عام چونڊن سميت ٻين ايجنڊائن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ غيرقانوني مهاجرن جي واپسي ۽ ان حوالي سان قائم ڪيل سينٽرز جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ جي سنڌ هدايتون ڏنيون ته نادرا وٽان غير قانوني مهاجرن جا شناختي ڪارڊ ۽ فيملي ٽري چيڪ ڪيا وڃن،  جيڪڏهن ان حوالي سان ڪو مسئلو سامهون اچي ته باقاعدا لسٽ موڪلي وڃي ته جيئن ان مامري کي جلد کان جلد حل ڪري سگهجي. آءِ جي اسمگلنگ خلاف جاري مهم کي تيز ڪرڻ ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث گروهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آءِ جي سنڌ چيو ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ باقاعده فهرست تيار ڪئي وڃي، جنهن مطابق پوليس اسٽيشن جي حد اندر قائم پولنگ اسٽيشنن، اميدوارن، ووٽرن جي تعداد، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن، انتهائي حساس، حساس ۽ نارمل پولنگن جو ذڪر ڪيو وڃي. انهي آڌار فول پروف سيڪيورٽي لاءِ افرادي قوت جي مقرري  ڪري سگهجي. سمورن اسٽيڪ هولڊرن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطا ڪري  هڪ جامع پلان تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطا اخلاق ۽ ان جي ترجيحن تي عملدرآمد جهڙن قدمن کي لازمي شامل ڪيو وڃي.