اليڪشن ۽ پ پ جي مرڪزي قيادت ڪراچي جي تڪن تان غائب

0
54
اليڪشن ۽ پ پ جي مرڪزي قيادت ڪراچي جي تڪن تان غائب

8 فيبروري 2024ع وارين عام چونڊن جو پهريون مرحلو (نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ) مڪمل ٿي چڪو آهي. ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 22 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 47 سيٽن تي چونڊ وڙھڻ لاءِ 1500 کان وڌيڪ اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ميان شھباز شريف، خالد مقبول صديقي، حليم عادل شيخ، حافظ نعيم الرحمان ۽ سعيد غني سميت مختلف پارٽين جا اڳواڻ ميدان ۾ اچي ويا آهن. اليڪشن ڪميشن مطابق قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 1500 کان وڌيڪ نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي چڪا آھن. انهن پنجن ڏينهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف ضلعي ڪياماڙيءَ جي تڪ اين اي 242 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جڏھن ته  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سينٽرل ضلعي جي تڪ اين اي 248، اين اي 249 ۽ اين اي 250 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان ضلعي سينٽرل اين اي 250 ۽ ضلعي اولھ اين اي 246 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ضلعي ڪياماڙيءَ جي تڪ اين اي 242 ۽ ضلعي سينٽرل اين اي 247 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار اين اي 240 ڏکڻ ضلعي ۽ اين اي 244 اولهه ضلعي مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي اوڀر ضلعي جي اين اي 237 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جڏهن ته امين الحق اين اي 246 اولهه ضلعي مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي ارشد وهرا ڏکڻ ضلعي جي تڪ اين اي 240 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جڏهن ته اوڀر ضلعي جي تڪ اين اي 236 تان ايم ڪيو ايم اڳواڻ حسان صابر، ڪورنگي جي تڪ اين اي 233 تان ايم ڪيو ايم اڳواڻ محمد ابوبڪر نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آھن، تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ اين اي 238 ضلعي اوڀر تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. پي ٽي آءِ جي ايڊووڪيٽ عبدالوهاب بلوچ ضلعي ڏکڻ جي تڪ اين اي 239 ۽ 240 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. مهاجر قومي موومينٽ جي سيد رفيع الدين ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 247 تي فارم جمع ڪرايو، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن)، جماعت اسلامي، استحڪام پاڪستان پارٽي سميت آزاد اميدوارن پڻ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

ڪراچي جي ٽن تڪن تي ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو، کٽندو ڪير؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو. بهرحال پيپلز پارٽي پاران اين اي 239 لياري ۾ نبيل گبول ۽ نادر گبول، جيڪو سندس پٽ آهي، ان کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس سامهون مقابلو پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي شڪور شاد جو ٿيندو، جيڪو لياري الائنس جو سرگرم ڪارڪن آهي. جماعت اسلامي جو عبدالرشيد جيڪو اڳوڻو ايم پي اي آهي، ان جو به مقابلو ٿيندو. ٻيو وڏو مقابلو اين اي 242 بلديه جو علائقو آهي، جتان ماضي ۾ پيپلز پارٽي پهريان ڪامياب ٿيندي آهي، جڏهن ته 2018ع ۾ مسلم ليگ صدر شهباز شريف کي فيصل واوڊا 300 ووٽن تان شڪست ڏني هئي، ۽ ضمني چونڊ ۾ اتان عبدالقادر مندوخيل ڪامياب ٿيو، جيڪو هن دفعي به شهباز شريف ۽ ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال سان مقابلو ڪندو، جڏهن ته ٽيون وڏو مقابلو اين اي 250 نارٿ ناظم آباد جي علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي وچ ۾ ٿيندو، جڏهن ته پيپلز پارٽي پاران خواجه منصور کي سيٽ ڏني وئي آهي، جيڪو ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ رهيو آهي. هن وقت هو پيپلز پارٽي جي سيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي. ٽنهي اهم تڪن تي سياسي سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٻين تڪن تي به اميدوارن سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهي.

اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب: سنڌ ۾ 2024ع جي عام چونڊن لاءِ مجموعي طور 8840 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي 61 جنرل سيٽن لاءِ 2555 فارم جمع ڪرايا ويا، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 130 جنرل سيٽن لاءِ 6585 فارم جمع ڪرايا ويا. صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 30 ڊسمبر تائين جاري رهندي، سمورا اميدوار ضابطا اخلاق تي عمل ڪن، اليڪشن جي پرامن، صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار منعقد ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن اندر 30 کان وڌيڪ مختلف پارٽين جي عورتن جا ڪاغذ ڇنڊڇاڻ بعد منظور ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ پ پ جي شازيه عطا مري، روبينا قائم خاني، سعديه جاويد، تنزيلا قمبراڻي، ڪلثوم چانڊيو، نزهت پٺاڻ ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته سحر ڪامران جا ڪاغذ به منظور ٿيا آهن، پيپلز پارٽي جي خير النساء مغل جا ڪاغذ به درست قرار ڏنا ويا آهن، جماعت اسلامي جي ڊاڪٽر عزيزه انجم ۽ مسفرہ جمال جا قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن لاءِ نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن.

سوال اهو آهي ته ڪراچي سنڌ جي گادي واري هنڌ جي اليڪشن مان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت غائب آهي. ڪنهن به تڪ تي پيپلز پارٽي جو مرڪزي اميدوار نامزد نه ڪيو ويو آهي. پهريان لياري ۾ بلاول ڀٽو زرداري نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي چونڊ وڙهندو هو، هن دفعي اهي ڳالهيون به پڻ گردش ڪرڻ لڳيون ته لياري جي اين اي 239 تي لياري الائنس جي اڳواڻ شڪور شاد جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي پاران آصفه ڀٽو زرداري کي بيهاريو پيو وڃي پر آخري ڏينهن تائين اهڙو ڪو حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو. هن دفعي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي کليو ميدان ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪراچي جي ڪنهن به اهم تڪ تي پيپلز پارٽي جو ڪو به مرڪزي اميدوار ڪاغذ جمع ناهي ڪرائي سگهيو. ڪاعذ جمع ڪرائڻ وارو پهريون مرحلو پڻ مڪمل ٿي چڪو آهي.

ماضي ۾ ڪراچي تي وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ قومپرست پارٽيون پڻ ڪراچي ۾ ڪنهن به تڪ ۾ سرگرم نظر نٿيون اچن، پر هن دفعي سدائين سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي به ڪراچي ۾ ڪا دلچسپي وٺندي نظر نٿي اچي. ظاهر آهي حيدراباد کان وٺي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۽ ٿرپارڪر تائين پيپلز پارٽي ڪلين سوئيپ ڪندي پر ڪراچي کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪا پارٽي ميدان عمل ۾ ناهي، جيڪو هڪ سواليه نشان آهي. بهرحال چونڊ عمل جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته هاڻي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جيڪو 30 ڊسمبر تائين جاري رهندو.