اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته صدر خط ذريعي تجويز ڏني آهي ڪو فيصلو ناهي ڏنو، صدر جي خط جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، صدر چونڊن جي تجويز ڏني آهي اهو ئي جواب ڏئي سگهي ٿو، آئيني طور ملڪ جو سربراهه آهي، صدر جي به هڪ راءِ آهي ان جو به هڪ سياسي پارٽي سان تعلق آهي، منهنجي خيال ۾ جيڪا محدود مدت آهي ان ۾ چونڊون ٿي وينديون، اليڪشن ڪڏهن ٿيندي ان جو جواب اسان وٽ ناهي، اليڪشن ڪميشن تجويز موڪلي آهي ان تي جواب ڏينداسين. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت غير جانبدار هوندي آهي، پوري ڪوشش ڪريان ٿو ته جانبداري جو الزام نه لڳي، ڪوشش آهي ڪابينا ۾ سياسي ماڻهو نه هجن، پارليامينٽ مان جيڪي قانون پاس ٿيا آهن انهن تي عمل ڪيو ويندو، ڪي پي ۽ پنجاب  ۾ نگران حڪومتون قانوني آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نيب ترميمن تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڏسي نظرثاني جو فيصلو ڪنداسين، نگران وزيراعظم چيو ته بلاول جن ڳالهين جو تحفظات جو اظهار ڪري رهيو آهي اهو ان جو حق آهي. آئون پنهنجو ووٽ ان پارٽي ڏيندس جنهن وٽ معاشي منشور هوندو، معيشت ۽ دهشتگردي پاڪستان لاءِ وڏا چيلنجز آهن، شهباز شريف جو پيغام آيو هو ته وزيراعظم لاءِ منهنجو نالو ڏئي رهيو آهي، ان جي ماڻهو جو تاثر ذوالفقار ڀٽو ۽ نواز شريف لاءِ به رهيو، اهو تاثر پيپلزپارٽي جي قيادت لاءِ به رهيو، چيئرمين پي ٽي آءِ لاءِ به رهيو، هڪ سوال تي نگران وزيراعظم ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مدي ۾ واڌ جي ترديد کان انڪار ڪندي چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مدت جو معاملو قومي سلامتي جو آهي، هي اهڙو معاملو ناهي جو ان جي پبلڪ سطح تي ڳالهه ڪئي وڃي، ان معاملي ۾ پنهنجا اختيار استعمال ڪندس. افغانستان بابت سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته افغانستان تي حملو ڪري سگهجي ٿو، ڪوئي غلط فهمي ۾ نه رهي، عوام ۽ وطن جي حفاظت ڪنداسين، پاڪستان جي چپي چپي جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي، ان جو تحفظ ڪنداسين، هن چيو ته موجوده افغان حڪومت کي پنهنجا چيلنجز آهن، انهن کي به ٿورو وقت گهرجي، اسان اهو نٿا چئون ته افغان حڪومت ٻٽي پاليسي اختيار ڪئي آهي، هن چيو ته پاڪستان جو سعودي عرب ۽ وچ اوڀر سان تعلق ڪمزور ناهي، سعودي عرب پنهنجا مفاد ڏسندو آهي ته اسان کي ڪهڙو اعتراض آهي، نگران وزيراعظم چيو ته ڊالر 250 رپين تي اچي وڃي، اسان جو ڪم ناهي، اسان غيرقانوني قدم روڪينداسين ڊالر پاڻ ئي گهٽجي ويندو.