اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر وزيراعظم هائوس پهچي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي آهي، وزير اعظم هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران چيف اليڪشن ڪمشنر عام چونڊن لاءِ تيارين بابت بريفنگ ڏني، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا وزيراعظم کي ٻڌايو ته 8 فيبروري تي چونڊن لاءِ تيار آهيون، سموريون ضروري تياريون ڪري ورتيون آهن، پولنگ اسٽيشن ۽ اسٽاف جون فهرستون ٺهي ويون آهن، اليڪشن مٽيريل جي پرنٽنگ آخري مرحلي ۾ آهي، وقت تي چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري نڀائينداسين، ملاقات دوران نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان هر قسم جو سهڪار ڪندي، اُن لاءِ فنڊن سوڌو سمورن وسيلن ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. چيف اليڪشن ڪمشنر وزيراعظم کي جائزو وٺڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.