لاهور (م ڊ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پوسٽ بيلٽ بيلٽ پيپرز جي فراهمي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، پوسٽ بيلٽ پيپر سان اهل ماڻهو 22 جنوري تائين پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪندا جڏهن ته پوسٽل بيلٽ لاءِ درخواست فارم اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو، پوسٽل بيلٽ پيپر حاصل ڪرڻ تي ووٽر پنهنجو ووٽ مقرر وقت موجب ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر کي موڪليندو. واضح رهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون.