اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي ميمبرن، صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اثاثن ۽ مالي سال 2022-23ع جون بقايائون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هر اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبر اثاثن جا تفصيل 31 ڊسمبر تائين جمع ڪرائيندا، هر سال پهرين جنوري تائين اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا شايع ڪيا ويندا، 16 جنوري تائين تفصيل جمع نه ڪرائيندڙن جي ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي، اثاثن جا تفصيل غلط جمع ڪرائڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن بدعنواني جي ڪارروائي ڪندي.