اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن وٽ ڊيٽا محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجو سرور ئي موجود نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ نادرا جي سرور جو سهارو حاصل ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو آهي، اليڪشن ڪميشن نادرا جي سرور هوسٽنگ جي مد ۾ ڪرائي (رينٽ) جي نادرا کي ادائگي ڪندو. عام چونڊن جا نتيجا سافٽ ويئر اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم ذريعي تيار ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا وچ ۾ سرور بوسٽنگ وارو معاهدو طئي ٿيو آهي، اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم ڊجيٽل ۽ مينيوئل طريقن سان هلايو ويندو. اليڪشن ڪميشن چئن صوبن ۾ اي ايم ايس جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن مختلف ضلعن ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنرز، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنرز جي آفيسن ۾ تجربو ڪيو. پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي پولنگ اسٽيشن جا نتيجا ريٽرننگ آفيسر کي اماڻيندا. ريٽرننگ آفيسر رزلٽ تيار ڪري ڊجيٽل ۽ مينيوئل طريقي سان اليڪشن ڪميشن کي اماڻيندو. هر رٽرننگ آفيسر کي چار چار ڊيٽا انٽري آپريٽر ڏنا ويندا. اليڪشن ڪميشن ڊيٽا انٽري آپريٽرز کي ٽريننگ ڏئي ڇڏي آهي. اي ايم ايس جي ذريعي نتيجن کي انٽرنيٽ ۽ بغير انٽرنيٽ جي موڪلي سگهجي ٿو.