اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته قومي اسيمبلي ٽٽڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ چونڊن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، سفارتڪارن جي انفرادي حيثيت ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات غير مناسب آهي، سفارتڪارن پاران چونڊن جي وقت ۽ شفافيت بابت بيان ڏيڻ درست نه آهي، پاڪستان جو پرڏيهي وزير قائم مقام ڊپٽي سيڪريٽري بدران پنهنجي هم منصب سان ڳالهائي، رباني چيو ته چونڊون پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، اسان جي رهيل سهيل سياسي خودمختياري کي ٻاهر جي بيانن ۽ مشاهدن سان پائمال نه ڪيو وڃي، اسان ڪلائنٽ رياست نه آهيون، اسان جي سياسي ۽ مالي خودمختياري تي وقتي سمجهوتو ٿيو پر اسان قابل فخر قوم آهيون.