ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ايندڙ 9 مهينا اهم قرار ڏئي ڇڏيا، اورنگي ٽائون ۾ فيملي پارڪ جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ چيو هو ته جيستائين آدمشماري جو مسئلو حل نٿو ٿئي، تيستائين مڪاني اليڪشن نٿي ٿي سگھي، پ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن زور ڀريو ته اسين انهن شين کي پاسي تي رکي سڄي سنڌ ۾ فيبروري يا مارچ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، اسان اڳ ۾ ئي چيو هو ته فيبروري-مارچ تائين اسان قانونسازي به ڪرائي وٺنداسين، هن چيو ته ايندڙ 9 مهينا ڪراچي لاءِ انتهائي اهم آهن، حڪومت بجيٽ رکي پنهنجي نيت ظاهر ڪئي آهي، اسان کي اها رقم ايمانداري سان خرچ ڪرڻي آهي، جيئن عوام جي خدمت ڪري سگهجي. مرتضيٰ وهاب چيو ته نيب آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل آهي، رات جي اونداهيءَ ۾ جاري ٿيل نيب ترميمي آرڊيننس جو فائدو رڳو حڪومت کي آهي، نيب آرڊيننس سان حڪومت پنهنجي وزيرن کي تحفو ڏنو آهي. هن چيو ته بجلي جو اگھه آسمان تي آندو ويو، سنڌ ۾ گيس جو بحران وفاقي حڪومت جي ناڪامي آهي، گيس کي وفاق ڪنٽرول ڪندو آهي، حڪومت دعويٰ ته گھڻي ڪندي آهي پر ڪندي ڪجهه به ناهي، ڪاش حڪومت ڪڻڪ ۽ پيٽرول سستو ڪرڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪري ها. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۾ 60 ڪروڙ رپيا عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين، اسان عوام جي حقن جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون.