اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن تي ٿيندڙ تنقيد تي اداري جي  ترجمان رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ڪجھه فيصلن ۽ واقعن جي حوالي سان گمراهه ڪندڙ پروپگنڊا ڪئي پئي وڃي، حقيقتون مختلف آھن، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آئين جي آرٽيڪل 226 ۾ واضع ٿيل آھي ته ڪهڙيون چونڊون سيڪريٽ بليٽ تي ٿينديون جن ۾ سينٽ جي چونڊ به شامل آھي ڇا اليڪشن ڪميشن آئين جي خلاف ورزي جي مرتڪب ٿي سگهي ٿي؟  يوسف رضا گيلاني جو نوٽيفڪيشن روڪڻ کان انڪار بابت به پروپگنڊا ٿي، اهو به ڪوڙ آھي ته علي موسيٰ گيلاني خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن علي موسيٰ خلاف قانون مطابق فوجداري ڪيس جو فيصلو ڪيو جيڪو پراسز ۾ آھي، ترجمان پاران چيو ويو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت به اليڪشن ڪميشن خلاف پروپيگنڊا ٿي رهي آھي دنيا ۾ رڳو ٻن ملڪن ڀارت ۽ برازيل ۾ اي وي ايم استعمال ٿي رهي آھي ڪميشن هن وقت به سمنڊ پار پاڪستانن جي ووٽنگ ۽ اي وي ايم تي ڪم ڪري رهي آھي پنجاب جي 20 تڪن تي ضمني چونڊن ۾ حڪومت کي ڪنهن قسم جي مداخلت ڪرڻ نه ڏني وئي.