اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر پاران سيڪيورٽي بابت آءِ جي اسلام آباد کي طلب ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن اندر ۽ چوڌاري سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي سختيءَ سان آءِ جي اسلام آباد کي هدايت ڪئي وئي. ذريعن مطابق آءِ جي اسلام آباد پاران چيف اليڪشن ڪمشنر کي اليڪشن ڪمشن جي سيڪيورٽيءَ جي انتظامن متعلق آگاهه ڪيو، اليڪشن ڪميشن ۾ تڪبندين تي اعتراضن تي ٻه بئنچون ٻڌڻي ڪري رهيون آهن.