اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نگران حڪومت ۾ اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي آفيسرن جي بدلين بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سفارشن تي آفيسرن جي ڪيل بدلين ۽ مقررين جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جسٽس گل حسن اورنگزيب گذريل ٻڌني جو تحريري حڪم نامو جاري ڪندي چيو اهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي اسٽيبلشمينٽ ڊيويزن ۽ اليڪشن ڪميشن جامع رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائين ته نگران حڪومت دوران ڪيترن آفيسرن جون بدليون اليڪشن ڪميشن جي سفارشن تي ڪيون ويون. اهو به آگاهه ڪيو وڃي ته ڪجهه آفيسرن کي موجوده عهدن تي ڪم جاري رکڻ جو ڇو چيو ويو آهي؟ اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد پوليس ۽ انتظاميا ۾ به بدلين جي هدايت ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن مختلف کاتن جي سيڪريٽرين ۽ آءِ جي سنڌ جي تبديلي جا حڪم جاري ڪيا هئا. اليڪشن ڪميشن چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊي سي جي تبديلي جي به سفارش ڪئي هئي.