حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران هيٺين گريڊ جي عملدارن جي بدلين ۽ مقررين جي اجازت ملڻ کانپوءِ روينيو کاتي مختيارڪارن، سب رجسٽرارن ۽ ٻين عملدارن جي بدلين جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي. تازو روينيو کاتي جي سيڪريٽري سنڌ جي وڌيڪ 26 مختيارڪارن کي بدلي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن جنهن ۾ ڪراچي گارڊن جي مختيار ڪار مسرت شاھين کي حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي، فرحان جتوئي کي گھوڙا ٻاري مان بدلي ڪري مختيارڪار قاسم آباد، علي رضا نندواڻي کي سول لائين ڪراچي، افضل خان کي صدر ڪراچي، محمد حسن شيخ کي مختيار ڪار گارڊن ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب شاهه مراد تنيو کي نيو ڪراچي، عامر علي ڀٽو کي ناظم آباد ڪراچي، انصاف علي پٺاڻ کي ابراهيم حيدري ڪراچي، وقار علي سومرو کي ڪوٽڙي، عابد علي شاهه کي ٿاڻي بولا خان ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. ليٽر موجب شاھد حسين دايو کي ٺٽو، نذير احمد مھر کي آر آر او آفيس سکر، سيف الله صدر کي ميرپور ساڪرو ايٽ گھارو، وحيد علي گولو کي گھوڙا ٻاري، عثمان سومرو کي ڪيٽي بندر، ميرپورساڪرو جي مختيار ڪار احمد ميمڻ کي رپورٽ ڪري ويٽنگ تي رکيو ويو آهي. محمد نواز کي مختيارڪار ھيڊڪوارٽر ڊسٽرڪٽ ايسٽ ڪراچي، برڪت علي کي شھيد فاضل راهو بدين ۽ اتان عنايت الله جمالي کي ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور موڪليو ويو آهي. ليٽر موجب اقتدار رسول بھراڻي کي ٺري ميرواھ، غلام مصطفيٰ يوسفاڻي کي اسٽيٽ مختيارڪار ميرپورخاص، رشيد احمد عباسي کي تعلقي نارا خيرپور جڏهن ته طفيل احمد پتافي کي مختيار ڪار ڳوٺ آباد ويسٽ ڪراچي مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.