اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف زرداري جو اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد جو اظهار، پ پ جي شريڪ چيئرمين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت جي دعويٰ ڪري ڇڏي،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ شفاف چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، پيپلز پارٽي ان لاءِ مڪمل تيار آهي، مون کي اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد آهي ته اها شفاف اليڪشن ڪرائيندي، پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا هر قسم جي ماحول ۾ اليڪشن وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿي. آصف علي زرداري چيو ته مون کي يقين آهي ته 8 فيبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي اڀرندي، ملڪ جو ماحول هن وقت چونڊن لاءِ سازگار آهي، چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن.