لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي آبادي وڌي رهي آهي، اليڪشن کٽي حڪومت ۾ آياسين ته ڊيم ٺاهينداسين. لاهور ۾ خطاب ڪندي حمزه شهباز چيوته مون کي وزيراعليٰ چورائڻ تي نه پر ڪارڪن سڏرائڻتي فخر ٿيندو آهي. هن چيو ته حڪومت ۾ اچي شاگردن کي ٻيهر ليپ ٽاپ ڏينداسين.  هن چيو ته اسان ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي هئي. 2013ع ۾ 20_20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، 2018 ۾ پنهنجو مدو پورو ڪيو ته لوڊشيڊنگ ٻڙي هئي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي باني ماڻهن کي سونهرا خواب ڏيکاريا. نواز شريف پنهنجي دور ۾ ڪراچي کي امن جو مرڪز بڻايو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم لاءِ اسان کي پنهنجي پسند نا پسند کان مٿانهون ٿي ڪري فيصلا ڪرڻا پوندا.  عمران خان کي نه ڪڍون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها.  سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارن پنجاهه لک گھر ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر عمل نه ڪيو ۽ هزارين غريبن جا گھر ڊاهي ڇڏيا