اسلام آباد (م ڊ) گهرو وزارت 8 فيبروري تي عام چونڊن دوران موبائل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جا سبب ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو  ۽ چيو آهي ته قومي سلامتي کي نظر  ۾ رکندي ڄاڻ فراهم نٿي ڪري سگهجي. رپورٽ موجب 8 فيبروري تي عام چونڊن دوران موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ جي بندش جي معاملي ۾ موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ جي بندش جا سبب ڄاڻڻ بابت پاڪستان انفارميشن ڪميشن ۾ درخواست ڏني وئي. درخواست ۾ گهرو وزارت 8 فيبروري جي عام چونڊن جي ڏينهن موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جا سبب ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. گهرو وزارت ڄاڻ کي رائٽ ٽو انفارميشن جي تحت ڪلاسيفائيڊ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته سلامتي کي آڏو رکندي ڄاڻ فراهم نٿي ڪري سگهجي، پاڪستان انفارميشن ڪميشن به گهرو وزارت کي ڄاڻ ڏيڻ کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. پي ٽي اي جواب ڏنو آهي ته گهرو وزارت وفاقي حڪومت جي حڪمن تي هدايتون جاري ڪندي آهي، پي ٽي اي اهڙين هدايتن تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي. قومي سلامتي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تحت سروسز بند ڪيون وينديون آهن. عام چونڊن واري ڏينهن گهرو وزارت جي حڪم تي موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي هئي. پاڪستان انفارميشن ڪميشن طرفان اڃان تائين تفصيلي فيصلو جاري نه ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وزارت ڄاڻ ڪلاسيفائيڊ ٿيڻ تي رمارڪس ناهن لکيا. گهرو وزارت طرفان هڪ سيڪشن آفيسر طرفان جواب  ۾ ڄاڻ کي ڪلاسيفائيڊ قرار ڏيندي چيو ويو ته ڪميشن جو فيصلو ڄاڻ تائين پهچ واري قانون جي ابتڙ آهي.