ڄامشورو (رپورٽر) اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه ڄامشورو پهتو، سنڌ يوينورسٽي سي اين جي وٽ سندس استقبال ڪيو ويو، استقبالي جلسي کي خطاب ڪندي ھن چيو مان پنج سال پ پ حڪومت جا پورا ٿيڻ بعد ڳوٺ وڃان پيو، اسان پنھنجي تڪ جي عوام سميت پوري سنڌ جي بھترين خدمت ڪئي آھي، سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ھلي رھيا آھن، باقي رھيل ڪم ٻيھر ڪامياب ٿي وري ڪرائينداسين ۽ عوامي  خدمت ڪنداسين،هن وڌيڪ چيو ته اسان وڃون پيا اسان پنھنجي جاءِ تي عوامي خدمت لاءِ بلدياتي نمائندا ڇڏي وڃو پيا اھي خدمت ڪندا رهندا، مراد علي شاهه وڌيڪ چيو  اليڪشن مقرر وقت تي ٿيندي، ملڪ ۾ جلد کان جلد اليڪشن ٿيڻ گهرجي، 2008ع ۾ به ملڪ اندر اهڙي صورتحال هئي جنھن کي آصف علي زرداري صدر ٿي پگهارون ۾ واڌ ڪري ڪاروبارن کي هٿي وٺرائي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت وري ايندي، سڀني کي روزگار ڏنو ويندو، نگران حڪومت ائين ناهي جو معاملن کي جلد سهي ڪري ڇڏي، مسئلا آهن جن کي پيپلزپارٽي ئي حل ڪري سگهي، ملڪ اندر جيڪو بحران آهي انهي جو واحد حل ئي چونڊيل نمائندا آهن، چونڊون ٿيڻ کانپوءِ ئي مهانگائي سميت ٻئين معاملن تي ڪنٽرول ٿيندو.