ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي  ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول چيو آهي ته ايم ڪيو ايم لنڊن ايم ڪيو ايم ناھي،  ڪجهه ماڻهو ھڪ سازش ذريعي شھر جو امن خراب ڪرڻ چاھين ٿا، ادارا نوٽيس وٺن، اسان پنجن سالن دوران ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو آھي، 22 آگسٽ 2016ع  تي اسان ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي خاطر پنهنجي ليڊر کي خيرآباد چئي سياسي تاريخ رقم ڪئي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته اسان سدائين  ڪراچي جي مسئلن تي آواز اٿاريو،  ادارا سنڌ جي شھري علائقن سان انصاف ڪن،  ھن چيو ته ھي شھر 3 ڪروڙ آبادي تي ٻڌل آھي، اسان 3 ڪروڙ کان گھٽ آدمشماري قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ تعصب پرست ماڻهن ووٽر لسٽون خراب ڪيون آھن، اهي  خرابيون ختم ڪيون وڃن ، هن چيو ته اسان شھر ۾ امن جي ذميواري کنئي آهي، مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته اھا ذميواري پوري نه ڪري سگھنداسين، هن چيو ته اسين ملڪ ۾ جلد شفاف چونڊن جا خواهشمند آھيون، اها اليڪشن  نئين آدمشماري،  تڪبندين ۽ نئين ووٽر لسٽن تي ٿيڻ گھرجي،  هن چيو ته  اسان وفاقي حڪومت ۽ نواز ليگ جو ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو،  اسان سان جيڪي واعدا ۽ معاھدا ڪيا ويا ھئا، اسين اڄ به انھن جي پوري ٿيڻ جا منتظر آھيون، هن چيو ته سنڌ جي شھري علائقن جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن،  ڪراچي ۾ امپورٽ ٿيل پوليس مقرر آھي، پ پ جي ويندڙ سنڌ حڪومت مڪاني ادارن ۾  30-35 ھزار ملازم ڀرتي ڪرڻ جون ڳالهيون پئي پئي،  جمھوريت خلاف اهڙين سازشن کي ناڪام بنائڻ ۾ ادارا ڪردار ادا ڪن ـ