خيرپور (رپورٽر) مسلم ليگ ن اڳواڻ سيد شهزاد علي شاھ جيلاني اولڊ جيلاني هائوس تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته 8 فيبروري تي اليڪشن  جي پوري سنڌ ۾ تياري ڪئي پئي وڃي، اميدوارن جا فارم بحال ٿي ويا آهن خيرپور ۾ به تياريون ڪيون پيا، سنڌ ۾ 16 سالن دوران وڏي ڦرلٽ ڪئي وئي آهي، غريبن جا حق کاڌا ويا، سنڌ کي کنڊرات ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اتحادين سان ملي عوام کي سجاڳ ڪنداسين، ننڍا وڏا، آبادگار، غريب ماڻهو هاڻي جاڳن، حق وٺڻ جو ٽائيم اچي ويو آهي، سنڌ جا ماڻهو ڪيترو کوکلن نعرن تي هلندا، وڏيرا شاهي پنهجا ڪم  وٺي ٿي غريبن کي ڪوڙا دلاسا ڏنا وڃن ٿا، سنڌ اندر ٿيل ترقياتي ڪم  ڪاغذن تائين محدود آهن، انهن اسڪيمن کي چئلينج ڪنداسين. هن چيو ته اليڪشن کان پهريان شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽ، روڊن رستن جو ٿورو گهڻو ڪم ڪرايو وڃي ٿو، ڪوڙا بل ٺاهي بجيٽ هڙپ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن پاڪستان کان اميد ٿا ڪيون ته اليڪشن پرامن ٿئي. هن چيو ته آزمايلن کي نه آزمايو، ووٽ ذريعي پنهنجا حق حاصل ڪيو، ووٽ جو استعمال صحيح معنيٰ ۾ ڪيو، جيڪو توهان کي حق ڏئي سگهي.