ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪمشنر سليم راجپوت جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات،  اليڪشن جي تيارين ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ، ان ڏس ۾ ڪمشنر سليم راجپوت ڪالهه صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري اليڪشن جي تيارين ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ، ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ ڪمشنر سليم راجپوت کي هدايت ڪئي ته پولنگ اسٽيشنن تي بنيادي سهولتن کي ممڪن بڻايو وڃي، اهو عمل جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي، مڪمل ڪيو وڃي، ان موقعي تي ڪمشنر شفاف چونڊن لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.