لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اليڪ اسٽيورٽ جي ٽيسٽ ميچن جي رنسن ۽ سندس ڄم جي تاريخ ۾ حيران ڪندڙ هڪ جهڙائي آهي. 1990ع ۾ ٽيسٽ ڊيبو ڪندڙ اسٽيورٽ کي انگلينڊ جي تاريخ جو بهترين وڪيٽ ڪيپر سمجهيو ويندو آهي. هو 2003ع تائين 14 سال ملڪ لاءِ کيڏندو رهيو. هن 133 ٽيسٽ ۽ 170 ون ڊي ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي. سندس ڄم جي تاريخ 8 اپريل 1963ع آهي. هن ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 8 هزار 463 رنسون ٺاهيون. سندس ڄم جي تاريخ ۾ انگن ۾ لکون ته اها63-4-8 ٿيندي. جڏهن ته سندس ٽيسٽ رنسون به 8463 آهن ائين ٻنهي ۾ اها عجيب هڪ جهڙائي آهي.